نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد ڀرسان ڏيرا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ گل سانھرو ۾ گھٽي مان لنگھڻ جي معمولي ڳالھه تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ پيءُ علي گوھر ۽ پٽ نيڪ محمد سانگھرو زخمي ٿي پيا جڏھن ته جھيڙي دوران ڀائٽين ھٿان ڏنڊا ۽ لٺيون ھڻي مرڻينگ ڪيل 50ساله علي گوھر سانگھرو اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته بيسڪ ھيلٿ يونٽ ڏيرا مان ايمبولنس نه ملڻ تي وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ لاش چنگچي رڪشا ۾ نصيرآباد اسپتال کڻائي آيا، پوليس لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ان موقعي تي مقتول جي نوجوان پٽ نيڪ محمد سانگھرو سوڀ کي ٻڌايو کي ته چاچي معشوق وارا ٺري ميرواهه لڏي ويا ھئا، سئوٽن خير محمد ۽ شمن علي وارن بيگناهه اچي اسان سان گھٽي جي معامري تي جھيڙو ڪري بابا ۽ مون کي زخمي ڪري ڀڄي ويا، بابا کي اسپتال کڻي وڃي رھيو ھيس ته بابا رستي ۾ فوت ٿي ويو، سئوٽن وڏو ظلم ڪيو آھي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏيرا نادر علي ڀٽي سوڀ کي ٻڌايو ته جوابدار ٺري ميرواهه ڀڄي ويا آھن گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس پارٽي ساڻ ڪري وڃي رھيو آھيان، باقي وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
191