ليکڪ: طفيل مگسي
انقلاب کان اڳ فرانسيسي سماج يورپ جي ڪنهن ٻئي ملڪ کان گهٽ يا غريب نه هو پر اتي جيڪو مسئلو هو سو بادشاھت جو هو، جنهن پنهنجي شاھي خرچن ۽ آمريڪا جي آزادي واري جنگ وڙھڻ جي لاءِ عوام تي ڳرا ٽيڪس مڙھي رکيا هئا، جنهن سان عوام جي حالت نهايت بدتر ٿي چڪي هئي، اهڙي عمل خلاف روسو ۽ والٽيئر عوام ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، انهن جون لکڻيون باهه تي پيٽرول جو ڪم ڏئي رهيون هيون. اهي ٻئي غريب عوام جي حقن ۽ هر شھري جي آزادي ۽ برابري جي گهر ڪري رهيا هئا، جنهن سبب ٻنهي کي حڪومت جي خلاف تحرير ۽ تقرير جي ڏوهه ۾ جلاوطن ٿيڻو پيو. روسو جديد تعليمي نظام جو تصور پيش ڪيو ۽ معاشري ۾ پکڙيل برائين جي نشاندهي ڪئي، سائنسي لاڙي جي لاءِ ذھن سازي ڪئي، هو هڪ اهڙي جمهوريت جو خواهشمد هو جنهن ۾ شھرين کي آزادي، انصاف ۽ برابري جو درجو حاصل هجي، روسو جي شاھڪار لکڻي”عمراني معاهدو“ ايمسٽرڊم کان ڇپيو، فرانس منجهان ان ڪري نه ڇپيو ته فرانس ۾ حڪومت جي سينسرشپ هن کي برداشت نه پئي ڪري سگهي هئي، اهو ڪتاب دنيا ۾ چئني پاسي نه صرف پکڙجي ويو پر غلامي جي اونداهين ۾ شمع بڻجي روشن ٿيو، اهو جملو ”انسان آزاد پيدا ٿيو آھي ۽ جيڏانهن ڏسو اهو زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي“ هو، جنهن ماڻھن کي همٿ ڏياري، اتان جي بااثرن روسو جو ڪتاب ساڙائي ڇڏيو، جنهن تي والٽيئر چيو ته ”توهان اڄ روسو جو ڪتاب ته ساڙي رهيا آھيو.پر سڀاڻي انهي ڪتاب جو ڪور اوهان جي چمڙي مان ٺاھيو ويندو“ والٽيئر به روسو جيان روشن خيال ۽ انقلابي روح ھو، اهو عوامي مشڪلاتن جو دور هو، بادشاھ جي اسطبل ۾ هزارين گهوڙا سٺي خوراڪ کائي رهيا هئا پر عوام کي ماني به نه ملندي هئي، تڏهن هڪ تقريب ۾ بادشاهه اعلان ڪيو ته ”مان پنهنجي اسطبل جو خرچ گهٽ ڪري رهيو آھيان ته جيئن اها رقم عوامي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، مون پنهنجي اسطبل مان هڪ هزار گهوڙا ڪڍي ڇڏيا آھن“ والٽيئر اهو ٻڌي بيهي رهيو ۽ درٻارين ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته تنهنجي درٻار ۾ اهي جيڪي سوين گڏھه موجود آھن، انهن کي درٻار منجهان ڪڏھن بيدخل ڪندين؟“ روسو جيان والٽيئر به علم ۽ حڪمت جو دعويدار هو، هڪ هنڌ ھو چئي ٿو ته توهان کي هن حقيقت جو شعور هئڻ کپي ته جڏھن هي دنيا ٺھي آھي تڏهن کان وحشي نسلن کي ڇڏي ڪري دنيا تي ڪتابن حڪمراني ڪئي آھي. مغرب جنهن بيشمار قربانيون ڏئي اڄ پنهنجو پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو آھي.اهو معجزو ڪنهن هڪ ٻن ڏينهن ۾ نه ٿيو هو پر ان جي پٺيان هڪ جدوجهد جي تمام ڊگهي تاريخ آھي، فرانسيسي سماج جي جهٽڪن جو هڪ سبب آمريڪا جي آزادي واري جنگ ۾ شرڪت هئي، انقلاب روس جي وقت روس جون حالتون به فرانس کان مختلف نه هيون.اتي به روسو ۽ والٽيئر جيان ليوٽالسٽائي ۽ ميسڪم گورڪي ڪهاڻين.ڊرامن ۽ افسانن ذريعي انهن ماڻھن جي ذھن سازي ڪري رهيا هئا.انقلاب هڪ ڏينهن ۾ ناهن ايندا پر ايندا ضرور آھن، اسان کي به يقين آھي ته هڪ نه هڪ ڏينهن انقلاب ضرور ايندو پر ان لاءِ اسان وٽ والٽيئر، روسو، ليو ٽالسٽائي، ميڪسم گورڪي، خليل جبران ۽ ٻين اهڙن ليکڪن، اديبن ۽ اڳواڻن جي کوٽ آهي، جيڪي عوام جي شعوري سطح کي ان حد تائين کڻي اچن ته اهي روايتي جهالت مان نڪري اچن ۽ ماڻهو پنهنجا فيصلا پنهنجي ذهني آزادي سان ڪن، ڇو ته جڏهن به قومون پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنديون آهن تڏهن انهن جي رستي جي هر رڪاوٽ دور ٿي ويندي آهي ۽ انهن کي ترقي جي منزلن تائين پهچڻ کان ڪير به روڪي ناهي سگهندو ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته جديد ۽ سائنسي تعليم لاءِ جدوجهد پڻ ضروري آهي، ڇو ته دنيا جي موجوده ترقيءَ جو دارو مدار سائنس تي آهي، اسان وٽ اڃا تائين اهڙا دماغ پيدا ناهن ٿيا، جن اسان کي جديد سائنس بابت آسان نصاب ڏنو هجي، يا وري ڪا اسان سائنسي بنيادن تي کوجنا ڪئي هجي.