118

ڪميونسٽ پارٽي جا 100 سال ۽ اسان وٽ ٿيندڙ سياسي تجربا

ليکڪ: وسعت الله خان

چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قيام جي هڪ صدي مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان چيني نظام، رياست ۽ حڪومت کي جهڙي طرح خراج تحسين پيش ڪيو، جيڪڏهن هو ساڳين جذبن جو اظهار اڄ کان 50 سال پهريان ڪري ها ته نه صرف سرخن جو ساٿاري پر قومي سلامتي لاءِ به خطرو چورائي ها ۽ انڊرگرائونڊ هجي ها پر وقت جي اها ئي خوبصورتي آهي ڪالهه جيڪو ناخوب هوندو آهي، اڄ اهو خوب ٿي ويندو آهي. نه ته حبيب جالب کي اڌ صدي اڳ اهو نه چوڻو پوي ها ته

چین اپنا یار ہے

اس پے جان نثار ہے

پر وہاں ہے جو نظام

اس طرف نہ جائیو

اس کو دور سے سلام

خان صاحب چيني صحافين سان گفتگو ۾ چيني نظام کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته هن وقت تائين اسان کي اهو ٻڌايو ويو ته مغربي جمهوريت سماج سڌارڻ جو بهتر نسخو آهي، پر چيني ڪميونسٽ پارٽي هڪ متبادل مثال متعارف ڪرايو، جنهن سماج ۾ ميرٽ جي اصول کي مٿانهون رکندي سموري مغربي جمهوريتن کي مات ڏئي ڇڏي، هن وقت تائين ته اسان اهو سمجهندا هئاسين ته چونڊن واري جمهوريت ئي اهل ۽ قابل قيادت کي مٿي آڻي ان کي جوابده بڻائڻ جو بهترين رستو آهي. پر چيني ڪميونسٽ پارٽي ان جمهوريت جي تصور کانسواءِ وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪيا آهن،  سندن باصلاحيت فردن کي پرکي مٿي آڻڻ جو طريقو جمهوري نظام کان گهڻو بهتر آهي، اسان جو سماج هجي يا مغربي جمهوريتون انهن ذريعي تبديلي آڻڻ ان لاءِ به ڏکيو آهي ڇو ته اهي قانونن ۽ ضابطن جي تابع آهن، جمهوريت ۾ رڳو ايندڙ 5 سالن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي، چيني صدر شي جن پنگ هيٺان کان جدوجهد ڪندي مٿي تائين آيو، ڪو به شخص هڪ ڊگهي جدوجهد ۽ محنت جي نتيجي ۾ ليڊر  ٿئي ٿو، ان عمل کان مغربي جمهوريتون محروم آهن. هڪ آمريڪي صدر ان قسم جي آزمائشن ۽ محنت مان نٿو گذري، جڏهن شي جن پنگ جهڙيون شخصيتون عمل جي بٺي مان گذري مٿي تائين پهچن ٿيون ته پوءِ اهي نظام کي مڪمل طور سمجهن ٿيون ۽ اها چيني نظام جي هڪ انمول خوبي آهي. هاڻ مون جهڙا اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ڇا خان صاحب رياست مدينه چيني ماڊل تي ٺاهڻ چاهي ٿو يا چيني ماڊل ۽ رياست مدينه جي تصور کي هڪ ئي شيءِ سمجهي ٿو ۽ وري ان ۾ سندس پسنديده قائداعظم ۽ علامه اقبال خواب ڪٿي ايڊجسٽ ٿئي ٿو ۽ ان ماڊل ۾ اسڪينڊينيويا جي فلاحي رياست جو ماڊل ڪيئن گهيڙائي سگهجي ٿو، آسٽريليا ۾ پليٽي پس نالي هڪ جانور آهي، اهو واحد کير ڏيندڙ جانور (مئمل) آهي جيڪو ٻارن بدران بيضا ڏيندو آهي، ان جي شڪل بطخ جهڙي هوندي آهي ۽ ڌڙ لومڙي وانگر آهي، آڱرين جي جاءِ تي سامونڊي سيل جهڙا هٿ هوندا آهن، مطلب ته پليٽي پس هڪ اهڙو جانور آهي جنهن کي ڏسي وڻ وڻ جي ڪاٺي واري معنيٰ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، اميد آهي ته خان صاحب به ڪڏهن نه ڪڏهن پليٽي پس جي تصوير ضرور ڏٺي هوندي اهو صرف ۽ صرف آسٽريليا ۾ ملي ٿو، اڄڪلهه هونئن به دماغ ڪم نٿو ڪري، خبر ناهي ته آئون ڪيئن خان صاحب جي انٽرويو کان پليٽي پس تائين پهچي ويس، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته خان صاحب اڃا گهڻا ڏينهن چيني نظام جو اسير رهي ٿو ۽ کيس وري سڀاڻي ڪو ٻيو ماڊل سٺو نه لڳڻ لڳي، خان صاحب چيني ماڊل کي ڪهڙي حد تائين هن ملڪ تي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، اهو هڪ الڳ بحث آهي پر هن ملڪ کي خان صاحب جنهن سمت وٺي وڃڻ چاهي ٿو ان ۾ واقعي مغربي جمهوريت ۽ ان تي آڱريون کڻڻ وارن سياستدانن جي ڪا به جاءِ ناهي، خان صاحب کي کليل هٿ ۽ کليل ٽائيم گهربل آهي.مسئلو اهو آهي ته هي خطو جنهن کي اسان ننڍو کنڊ چئون ٿا ان جي وات کي گذريل هڪ سئو سالن کان مغربي جمهوريت جو رت لڳي چڪو آهي، هن جمهوريت ۾ ڪڏهن اسان بنيادي جمهوريت جو پيوند هنيو، ڪڏهن صدارتي جمهوريت ته ڪڏهن پارلياماني جمهوريت جو ته ڪڏهن اسلامي سوشلزم ته ڪڏهن ڪنٽرولڊ بي اي پاس جمهوريت جو، ڪڏهن رموٽ ڪنٽرول جمهوريت جو ته ڪڏهن شرعي ۽ شورائي جمهوريت جو پر ڪجهه به ڪامياب نه ٿي سگهيو. چينين اهڙي ڪا به استادي نه ڏيکاري، انهن وقت جي حساب سان پاڻ کي تبديل ڪيو پر بنيادي فلسفي کان پوئتي نه هٽيا، ان ڪري اتي جيڪو به نظام آهي ان جي تسلسل اهي ثمر پيدا ڪيا جيڪي خان صاحب کي هن لمحي سٺا پيا لڳن. جيڪا قوم ان قدر بي صبر هجي يا ڊاڪٽر جي ٻن گورين سان آرام نه اچڻ تي حڪيم جو دروازو وڄائي ۽ حڪيم جو جلاب راس نه اچي ته ڌاڳو ڦيڻو ڪندڙن جي در تي وڃي ويهي ۽ ان مان به منشا مطابق ڪم نه نڪري ته ڪاري جادو واري عامل بابا جا پير پڪڙڻ لڳي ته ليڊرشپ به اهڙي ئي اڀرندي. ان نفسيات جي هوندي جيڪڏهن دنيا جو بهترين نظام به نازل ٿي وڃي ته اسان جو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي، اسان جي مقدر ۾ رڳو تعريف ئي آهي. يا ٻين جي ڪريو نه ته پنهنجي ئي ڪندا رهو ۽ پوءِ اهو ورثو ايندڙ نسل جي حوالي ڪري پاڻ نڪري وڃو.

یہی ہے رختِ سفر میرِ کارواں کے لیے۔

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو