ليکڪ: سليم صافي
افغانستان ۾ آمريڪا جا رڳو ڪجهه فوجي ماريا ويا، ان جي ابتڙ لکين افغان طالبان، سيڪيورٽي فورسز يا وري عام شهري اجل جو شڪار ٿيا، پاڪستان ۾ 70 هزار کان وڌيڪ فوجي جوان، پوليس اهلڪار ۽ عام شهري زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا، آمريڪا القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن کي به ماري ڇڏيو، وڏي حد تائين القاعده کي ڪمزور ڪيو ۽ طالبان کان اها به گارنٽي وٺي ڇڏي ته اهي القاعده ۽ داعش وغيره سان نه تعلق رکندا ۽ نه ئي پنهنجي سرزمين انهن کي آمريڪا جي خلاف استعمال ڪرڻ ڏيندا، ائين آمريڪا جي مقابلي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جو نقصان انتهائي گهڻو آهي، مستقبل لاءِ ان کي ڪو به خطرو نه رهيو ۽ فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ ان جي مالي نقصان جو سلسلو به ختم ٿي ويو پر بهرحال اهڙي طرح به نٿي سگهيو، جهڙي طرح آمريڪا چاهيو هو، ظاهر طور ته ان کي شڪست ٿي آهي پر آمريڪا ۾ خاموشي آهي. ويٽنام جنگ کانپوءِ جهڙي آمريڪي صحافت ۽ سياست ۾ ان جو ذڪر ٿي رهيو هو ۽ جهڙي طرح آمريڪا ۾ يادگار ٺهي رهيا هئا، اهڙو ڪجهه به نه پيو ٿئي، ڊيموڪريٽس، ريپبلڪن کي طعنو ڏئي رهيا آهن انهن اهڙي جنگ ڇو ڇيڙي ۽ نه ئي ريپبلڪن ڊيموڪريٽس تي آڱريون کڻي رهيا آهن ته افغانستان کي تباهي جي حوالي ڪري فوج ڇو ڪڍي وئي، اهڙي طرح آمريڪا جا نيٽو اتحادي به شور نه پيا مچائين ته آمريڪا پاڻ سان گڏ انهن کي ذليل ڪيو، هاڻ ڪامن سينس جي ڳالهه ته اها آهي ته آمريڪا جي ان جي اتحادي ملڪن جي سياست ۽ صحافت جي ميدان ۾ هن وقت طوفان برپا هجڻ گهرجي ها پر اتي هڪ پراسرار خاموشي آهي، ان جي ابتڙ آمريڪي قيادت نه رڳو مطمئن آهي پر اها افغانستان جو ذڪر به ڪرڻ نٿي چاهي، افغان صدر اضرف غني سان وائيٽ هائوس جي ملاقات دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪجهه منٽن لاءِ ائين ويٺو هو ڄڻ کيس ڪنهن جبري طور اتي ويهاري ڇڏيو هجي، هن وٽ ڪا به گرم جوشي نه هئي، ڪاغذ تي لکيل پوائنٽون پڙهي رهيو هو ۽ ڳالهه کي مختصر کان مختصر ڪري رهيو هو. پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر اشرف غني جي چهري جا تاثر ۽ واپسي تي ڊاڪٽر عبدالله عبدالله جي ان بيان ته افغانستان جي ورهاست جو خطرو آهي مان لڳي ٿو ته جوبائيڊن طرفان اهو ئي جواب مليو آهي ته اوهان ڄاڻو ۽ افغانستان ڄاڻي، آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو اهو رويو انتهائي پراسرار آهي ۽ انهن جي اطمينان جو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي، ٻيو پراسرار عمل افغان فوج جو لڳاتار سرينڊر آهي، يقينن هن وقت طالبان جو مورال انتهائي بلند آهي، ماضي جي بنياد تي طالبان جي دهشت به ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل آهي پر اها افغان فوج گذريل ٻن سالن کان طالبان سان وڙهي رهي هئي ۽ ڪنهن هڪ ضلعي کي به طالبان جي مڪمل طور قبضي ۾ وڃڻ نه ڏنو هو هاڻ اهو امر حيرت وارو آهي ته ڪجهه درجن طالبان آڏو سوين فوجي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين ٿا. ماضي جي ابتڙ طالبان انهن کي خرچي ۽ ڪلاشنڪوف ڏئي عزت ۽ احترام سان رخصت به ڪري ڇڏين ٿا، جڏهن ته آمريڪين جا ڇڏيل ڳرا هٿيار اهي طالبان حوالي ڪري ڇڏين ٿا، اهو عمل رڳو ڏکڻ ۽ اوڀر صوبن ۾ ئي نه پر اتر ۽ اولهه افغانستان جي تاجڪ، ازبڪ ۽ ترڪمن صوبن ۾ به ٿي رهيو آهي جيڪو حيران ڪندڙ آهي. هڪ ٻيو پراسرار عمل اهو آهي ته اوڀر ۽ ڏکڻ افغانستان جي ڀيٽ ۾ اتر ۽ اولهه افغانستان ۾ طالبان وڌيڪ ضلعن تي قبضو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن پاڪستان جي سرحد سان لاڳاپيل صوبن مثال طور پڪتيا، پڪتيڪا، خوست يا وري ڏکڻ صوبن قنڌار، هلمند ۽ زاهل وغيره جهڙن پختون صوبن ۾ ائين ٿئي ها ته اسان کي ڪا حيرت به نه ٿئي ها، پر انهن علائقن بدران وڌيڪ ضلعا اتر ۽ اولهه افغانستان ۾ طالبان جي هٿن ۾ اچي رهيا آهن. مثال طور چيني، پاڪستان ۽ تاجڪستان سرحدن سان لاڳاپيل صوبو بدخشان طالبان جي گذريل دور ۾ به انهن جي ڪنٽرول هيٺ نه آيو هو، پر هاڻ ان تاجڪ صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن تي طالبان جو قبضو ٿي چڪو آهي. ڪندوز تاجڪستان سرحد سان جڙيل صوبو آهي، جنهن جي انٽري پوائنٽ شير خان بندر تي طالبان قابض ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح جوز جان ۽ فارياب جهڙن اولهه ۽ ازبڪ ترڪمن صوبن ۾ ڪيترائي ضلعا طالبان جي قبضي هيٺ اچي ويا آهن، تخار جيڪو طالبان جي گذريل دور ۾ اتر اتحاد جو هيڊڪوارٽر هو ۾ به هڪ ضلعي تي طالبان قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ائين ڏکڻ ۽ اوڀر بدران گهڻي تعداد ۾ اولهه ۽ اتر ۾ افغان فوج جو سرينڊر ٿيڻ ۽ طالبان جون فتحون پراسرار به آهن ۽ ظاهري طور تي سمجهه ۾ به نه ٿيون اچن. وڌيڪ پراسرار عمل افغان جي دفاع واري وزير اسد الله خالد جو پراسرار طور منظر تان هٽي وڃڻ آهي، وزير دفاع بڻجڻ کانپوءِ هو گذريل ٻه سال ڄمي طالبان خلاف وڙهيو ۽ پاڻ فوجي يونيفارم پائي مختلف محاذن تي جنگ جي ڪمانڊ به ڪندو رهيو، هاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ هو پراسرار طور تي منظر تان غائب ٿي ويو. هوڏانهن ضلعي مٿان ضلعو طالبان جي جهولي ۾ ڪري رهيو هو ۽ هوڏانهن دفاع وارو وزير نظر اچي رهيو هو، ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته هو بيمار آهي ۽ علاج لاءِ آمريڪا ويل آهي. جيتوڻيڪ اشرف غني سندس جاءِ تي حامد ڪرزئي دور جي بسم الله خان کي نئون دفاع وارو وزير مقرر ڪيو ۽ آرمي چيف کي به تبديل ڪيو.اهو به پراسرار عمل آهي ته طالبان هڪ سئو کان وڌيڪ ضلعن تي ته قابض ٿي ويا آهن پر ڪنهن به صوبائي هيڊڪوارٽر قبضو نه پيا ڪن، جيتوڻيڪ هو چاهين ته ڪيترن ئي صوبن جي هيڊڪوارٽرن کي آساني سان پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻي سگهن ٿا، چيو پيو وڃي ته ڪجهه قوتن سان اها انڊراسٽينڊنگ ٿي چڪي آهي ته في الحال هو صوبائي هيڊڪوارٽرن تي قبضي جي ڪوشش نه ڪندا، هاڻ اهو هڪ ٻيو پراسرار عمل آهي، ترڪي جيڪو پاڪستان جو دوست پر چين جو مخالف آهي جو اوچتو ميدان ۾ ڪڏي پوڻ به نهايت پراسرار آهي. انهن حالتن ۾ ترڪيءَ پاران ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ٿيڻ انتهائي رسڪي عمل آهي. اهڙي طرح ترڪي وچ ايشيائي ملڪن ۾ به دلچسپي اوچتو وڌائي ڇڏي آهي، افغانستان جي حوالي سان ترڪيءَ جو اوچتو ۽ ضرورت کان وڌيڪ تحرڪ به پراسرار آهي، پر جيئن ته ترڪي پاڪستان جو دوست ملڪ به آهي ان ڪري آئون في الحال وڌيڪ تفصيلن ۾ وڃن نٿو چاهيان.