131

ناراض بلوچن کي پرچائڻ واري پاليسي….

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

ڪجھه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ ناراض بلوچن کي پرچائڻ جي ڳالهھ ڪئي، ڏٺو وڃي ته ڳالهھ سٺي آھي ان بيان ۾ ڪيتري سچائي آھي يا آسرو ان ڳالهھ جو فيصلو ته وقت ڪندو، خان صاحب پنهنجي ڪيل واعدن ۽ ڏنل بيانن تان ڦرڻ ۾ دير به ناهي ڪندو، خبر ناهي خان صاحب کي ويٺي ويٺي ناراض بلوچن واري ڳالهھ ڪيئن ٽن سالن کان پوءِ ياد آئي؟ خان صاحب خان آھي، خانن سان وري ڪهڙا ليکا، اسان ته کڻي ليکا نه به ڪيون پر ليکا ڪرڻ وارا هميشه پائي پائي جو ليکو ڪندا به آھن ۽ وٺندا به آھن، ڏسون ٿا ناراض بلوچن سان ليکو ڪجي ٿو يا بنا ليکي جو کين پرچايو ويندو، ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني جا جتي ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا اتي اقربا پروري، حقدارن جا حق کسڻ، پنهنجن کي نوازڻ لاءِ مقامي ماڻھن سان ٻيائي رکي انهن جي حقن کي غصب ڪرڻ سان گڏ ناانصافيون ڪرڻ مک ڪارڻ ليکيا وڃن ٿا،  بلوچستان جا ماڻھو پهريون ڀيرو ناراض نه ٿيا آھن، ان کان اڳ به نواب خير بخش مري، عطاءُ الله خان مينگل، نواب اڪبر خان بگٽي ناراض ٿي چڪا آھن، بلوچ نوابن ۽ سردارن جو بلوچستان جي وڏي ايراضي جيان پنهنجي راڄ ڀاڳ تي به تمام وڏو اثر آھي، هنن جي اثر رسوخ جو اندازو ان ڳالهھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻھو انهن جي چوڻ تي پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا آهن، جئين ته منهنجو تعلق نواب اڪبر خان بگٽي جي پاڙيسري ضلعي سان آھي، ان ڪري بگٽي قبيلي جي مزاج  جون ڪجهھ خبرون چارون مون وٽ به آھن ۽ اها به خبر آھي ته  نواب اڪبر بگٽي جو پنهنجي راڄ ڀاڳ تي ڪيترو اثر هو، قدرتي طور تي معدني وسيلن سان مالا مال ڊيرا بگٽي ضلعو هميشه ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندو رهيو، ڪڏهن قبيلائي جهيڙا،ڪڏهن ڦرلٽ. ڪڏهن ناانصافيون ته ڪڏهن جبر ۽ مصيبتون برداشت ڪندو رهيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ بلوچ سردار قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندا رهيا، بلوچستان مان ملندڙ تيل ۽ گيس جي ذخيرن تي مقامي آبادي کي نظرانداز ڪري ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻھن کي روزگار ڏنو ويو، نه صرف اهو پر  مقامي ماڻھن بدران ٻاهرين ماڻھن کي وڏن عهدن تي به ويهاريو ويو، بلوچستان ۾ تعليم ۽ شعور جي کوٽ جي ڪري اتان جا نواب، سردار هر شيءِ جا مالڪ ليکجڻ لڳا، حڪومت به صرف انهن ڪجهه ماڻھن کي نوازڻ جو سلسلو شروع ڪيو، مذھبي، اخلاقي قدرن ۽ انساني حقن کان وڌيڪ ريتن رسمن کي مڃيندڙ بلوچ قبيلا پنهنجي سردارن جي چوڻ تي پنهنجا گهر ٻار ڇڏڻ تي به فخر محسوس ڪندا آھن، قبيلائي ريتن جي پاسداري کي عين عبادت سمجهيو ويندو آھي، مشرف ۽ نواب اڪبر بگٽي جي وچ ۾ گئس فيلڊن جي فنڊن جي غير منصفاڻي ورڇ تي اختلاف شروع ٿيا ۽ اهي وڌندا وڌندا وڃي وڻ ٿيا، مٿان وري هڪ اهڙو واقعو پيش اچي ويو، جيڪو معمولي نه هو، نواب اڪبر بگٽي ان واقعي کي بلوچن جي غيرت سان تشبيھه ڏني نواب اڪبر بگٽي عورت جي عزت واري معاملي تي پنهنجي پٽ کي به بخش نه ڪيو هو ۽ ان کي سڄي زندگي لاءِ ڊيرا بگٽي مان نيڪالي ڏني هئي، تڪرار وڌڻ کانپوءِ چوڌري شجاعت ۽ آفتاب شيرپائو نواب اڪبر بگٽي سان امن لاءِ ڳالهيون ڪيون پر اهي ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ نتيجو نواب اڪبر بگٽي جي موت جي صورت ۾ سامهون آيو. بلوچستان جي خراب حالتن کي ڏسندي دشمن ملڪن خاص طورتي انڊيا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جوڳو ناڻو ڏيڻ، هٿيار پهچائڻ ۽ تربيت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ بلوچستان ۾ اڄ به انڊيا اهڙي ويڙهه ڪرائڻ ۾ مصروف آهي، پر وزير اعظم صاحب کي ياد هجڻ گهرجي ته توهان کان اڳ پ پ سرڪار بلوچستان لاءِ هڪ پيڪج جو اعلان ڪيو هو، بلوچستان جي ڪيترن ئي ويڙھاڪن هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي پاڪستان جي جهنڊي کي چميون ڏئي پنهنجي وطن دوستي جو ثبوت ڏنو هو، نه صرف اهو پر اڄ به اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آھن، اڃا به بلوچن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي ۽ انهن کي پرچائي پنهنجو ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪي سنڌي ۽ پٺاڻ ناراض آھن انهن سان به ڳالهيون ڪري انهن کي به پرچائجي ۽ ناراض ڌرين کي به گهرجي ته رياست ماءُ آھي، ماءُ سان ٻچن جي ڪاوڙ ناهي ٺھندي، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي خوشحالي ۽ امن لاءِ سڀني کي نيڪ نيتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي اصل دشمن کي سڃاڻڻو پوندو، اسان پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪيون دشمن کي موقعو ئي نه ڏيون ته هو اسان جي ويڇن مان فائدو وٺي سگهي، هن وقت سردار شاهزين بگٽي کي بلوچستان لاءِ وزيراعظم جو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آھي ۽ گورنر بلوچستان به تبديل ٿي ويو آھي، ڏسجي ته اها تبديلي بلوچستان لاءِ بهتر ثابت ٿئي ٿي يا اهو سڄو عمل به سياسي تماشو آهي، ڇو ته اڄ ڪلهھ اسان جو وزيراعظم صاحب غير معمولي بيان ڏئي پاڻ کي هيرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو