96

ڪورونا جي چوٿين لهر جو خطرو، حفاظتي تدبيرن جي ضرورت…

ايڊيٽوريل

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جا ڪيس گهٽ ٿيندي ٿيندي اوچتو وري وڌي رهيا آهن، 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 24 ڄڻا مرض وگهي فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 1683 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا جي انگن اکرن بابت ويب سائيٽ ڪووڊ گورنمينٽ پاڪستان مطابق 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 50 هزار 531 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1683ع ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 24 ڄڻا وائرس سبب انتقال ڪري ويا آهن، سرڪاري پورشن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.33 سيڪڙو رهي آهي، سرڪاري پورشن مطابق ڪورونا سبب موتن جو تعداد 22493 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 9 لک 67 هزار 633 تائين پهتا آهن، ان کانسواءِ ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 84 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 10 هزار 609 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 34 هزار 531 آهي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز هيٺ ايندي ايندي مٿي وڃڻ شروع ٿي ويا آهن، خطرو آهي ته چوٿين لهر اچي سگهي ٿي، هن عوام کي ماسڪ پائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته انڊين ويريئنٽ (ڪورونا جو ڀارتي قسم) انتهائي وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. اسلام آباد ۾ ڪورونا بابت قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس واري صورتحال تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪورونا باوجود الله تعاليٰ اسان تي خاص رحم ڪيو آهي، هن چيو ته هن وقت ڀارتي ڪورونا قسم جي ڪري صورتحال خراب آهي، وائرس پنهنجي هيئت مسلسل تبديل ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس به وڌي رهيا آهن، هن چيو ته دنيا ۾ ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪري ٿڪجي پيا آهن، هن چيو ته قوم کي اپيل آهي ته ماسڪ استعمال ڪري، ڪورونا کان ملڪ کي بچائي وٺنداسين، هن چيو ته لاڪ ڊائون هڻڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب طبقي جو ٿئي ٿو، ماسڪ جو استعمال انتهائي ضروري آهي، عيد تي به ماسڪ جو استعمال ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان صحيح معنيٰ ۾ احتياط ڪري ورتو ته امڪاني چوٿين لهر کان بچي سگهون ٿا، جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ته لاڪ ڊائون وري لڳائڻو پوندو ۽ سڀ بند ڪرڻ پوندو، ان ڪري قوم جي خاطر ۽ معيشت جي خاطر ماڻهو ماسڪ جو استعمال ضرور ڪن. هن چيو ته هن وقت اسان وٽ ويڪسين موجود آهي ان جو فائدو کڻو، ويڪسين لڳرايو، چوٿين لهر کان نڪري وياسين ته ملڪ کي ان تباهيءَ کان بچائي سگهون ٿا جيڪا ٻين ملڪن ۾ پکڙيل آهي، جيستائين سمورن ماڻهن کي ويڪسين نه لڳي وڃي، ڪورونا جون لهرون اينديون رهنديون. اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي ڳڻتي بلڪل جائز ۽ ان جون تجويزون ۽ مشورا به مڪمل طور درست آهن، ڇو ته هيءَ هڪ اهڙي وبا آهي جيڪا اڃا تائين سڄي دنيا تي پنهنجا چنبا کوڙي ويٺل آهي ۽ ان جي مسلسل تبديل ٿيندڙ قسمن سڄي دنيا کي پريشان ڪري رکيو آهي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته ڪورونا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي سمورن ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين ڪرائڻ گهرجي، ان بابت موجود غلط فهمين ۽ خدشن کي هڪ پاسي رکڻو پوندو ۽ هڪ سلجهيل قوم جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ حڪومت وٽ به لاڪ ڊائون کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه آهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن لاڪ ڊائون لڳندو ته جتي ملڪي معيشت کي نقصان ٿيندو اتي سڀ کان وڌيڪ نقصان عوام جو ئي ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو