100

پارليامينٽ ڪو به قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نه ٺاهيندي: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پارليامينٽ ڪو به قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نه ٺاهيندي، قومي اسيمبلي ۾ مولانا عبدالاڪبر چترالي جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سومر تي قانوني ماهرن جي گڏجاڻي گهرائي وئي آهي جيڪا قانونسازي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي، هن چيو ته ڪو به قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نه ٺاهينداسين، ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان به واضح هدايتون جاري ڪيون آهن، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي اعتراض واري نقطي تي چيو ته اسلام آباد ۾ بزرگ شهرين جي حقن جي تحفظ وانگر هن به هڪ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو سينيٽ مان منظور ٿي آيو ان تي علي محمد خان تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن بل ۾ سٺيون شيون هونديون ته ان کي شامل ڪري وٺنداسين، اهو بل به انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، هن چيو ته سندس بل شيري مزاري جي بل سان گڏ شامل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو