غزه (ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي تازي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن ۽ شهري ڍانچي جي نئين سر تعمير تي ساڍا 48 ڪروڙ ڊالر خرچ ايندو. العربيا ٽي وي مطابق عالمي بينڪ گذريل ڏينهن هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته عمارتن ۽ انفراسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان جو اندازو 38 ڪروڙ ڊالر آهي. ان کان علاوه ان جنگ سبب غزه ۾ 19 ڪروڙ ڊالر جو رڳو معاشي نقصان ٿيو آهي جڏهن ته اسرائيل جي گهيراءُ جو شڪار ان علائقي ۾ اڳ ۾ ئي بيروزگاري جي شرح 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. عالمي بينڪ جي غزه ۽ غرب اردن ۾ ڊائريڪٽر ڪانتان شنڪر چيو آهي ته غزه ۾ فلسطيني عوام لاءِ اها بدقسمتي جي هڪ ٻئين قسط هئي ۽ هو ان تڪرار ۽ تباهي وچ ۾ ڦاسي پيا هئا. واضح رهي ته اسرائيلي فوج مئي ۾ 11 ڏينهن واري جنگ دوران غزه ۾ شهري علائقن تي تباهه ڪن بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ عالمي بينڪ مطابق 4 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿي ويون هيون
100