116

سج 15 جولاءِ تي خانه ڪعبه جي مٿان هوندو .سعودي فلڪيات جا ماهر

مڪه مڪرمه (ويب ڊيسڪ) فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته 5 ذي الحجه 15 جولاءِ خميس جي ڏينهن سج خانه ڪعبه جي مٿان ايندو . اهو هلندڙ هجري سال اهڙي طرح جو ٻيو۽ آخري واقعو هوندو . رپورٽ مطابق فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته مقامي وقت موجب سج 12 لڳي 26 منٽن ۽ 44 سيڪنڊ تي انتهائي بلندي 89.57.56 ڊگري تي هوندو . ان وقت مڪه مڪرمه ۾ سمورين مادي شين سميت خانه ڪعبه جو پاڇو غائب ٿي ويندو . سامي الحربي جو چوڻ آهي ته قديم زماني ۾ جڏهن قبيلي جو رخ مقرر ڪرڻ لاءِ جديد اوزار نه هوندا هئا ته سڄي دنيا جا ماڻهو انهي منظر کي ڏسي ڪري مسجد جو پيڙهه جو پٿر رکندا هئا . ۽ قبلي جو رخ مقرر ڪندا هئا ، اڄڪلهه ڪيترائي هنڌ اهڙا آهن جتي مسلمانن کي اها سهولت ميسر ناهي ان ڪري اهڙن هنڌن جا شهري ان منظر مان فائدو کڻي قبلي جو رخ مقرر ڪندا آهن .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو