89

ريلوي ۾ مافيا جو خاتمو ڪري مزدورن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو: ريلوي وارو وفاقي وزير

راولپنڊيِ (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته ريلوي کاتي ۾ مافيا جو خاتمو ڪري مزدورن جون پگهارون وڌايون وينديون. ريلوي جي زمين تي قبضا ختم ڪرائي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ليز تي ڏني ويندي. ريلوي کي خساري مان ڪڍي منافعو بخش ادارو بڻايو ويندو، ريلوي ۾ ڪرپشن ڪندڙ آفيسر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي دؤري تي وڃي رهيو آهي ۽ ايم ايل ون کانپوءِ ٻيو فيز شروع ٿي ويندو. اهڙو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن ۾ سرسيد ايڪسپريس نجي شعبي جي حوالگي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ريلوي کاتي جي ملازمن جون پگهارون وڌايون وينديون، جڏهن ته مافيا 65 هزار ماڻهن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، مافيا هر آفيس اندر آهي، 5 کان 10 سيڪڙو ڪميشن وٺندا هئا، ريلوي جي ماڻهن کي عزت ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته مافيا کي ٽوڙڻو پوندو ۽ گذريل 6 مهينن کان ڪوشش ۾ آهيان، ايتري تائين جو مافيا جي هٿ ۾ پارڪنگ جو سمورو نظام آهي. هن ٻُڌايو ته 20 کان 25 ڏينهن ۾ سمورن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي ويندي، جيڪي گهر ويهي پگهارون کڻن ٿا. هڪ لک 32 هزار ماڻهو پينشنر آهن. هن چيو ته ريلوي جي زمين منهنجي موجودگيءَ ۾ وِڪرو نه ڪئي وئي، ريلوي جي زمين پبلڪ پارٽنرشپ تحت ڏني ويندي. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ريلوي جي زمين مافيا کان خالي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريلوي ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومتِ پاڪستان جو فائدو آهي، عوام کي بهتر سهولتون ڏينداسين. ريلوي کي خساري مان ڪڍي لاڀائتو ادارو بڻايو ويندو ۽ هڪ ٽرين پڻ ريلوي آفيسرن کي هلائڻ نه ڏينداسين، سڀ پرائيويٽ ڪنداسين ڇاڪاڻ ته پيسينجر ٽرين هلائڻ پرائيويٽ ماڻهن جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو