100

ٽيڪس گذارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: چيئرمين ايف بي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو عاصم احمد چيو آهي ته ٽيڪس گذارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن وزيراعظم پاڪستان جي هدايت تي ايف بي آر جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هر مهيني تسلسل سان ڪيل اِي ڪچهريءَ ۾ شهرين جا مسئلا ٻُڌندي ڪيا. چيئرمين ايف بي آر اِي ڪچهري ذريعي ٽيڪس گذارن جون آن لائن شڪايتون ٻُڌيون. ٽيڪس گذارن ڪال ڪري سنئون سِڌو نئين چيئرمين ايف بي آر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ايف بي آر جي چيئرمين ٽيڪس گذارن کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا فوري حل لاءِ ايف بي آر هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چيئرمين ايف بي آر شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري حڪم جاري ڪيا ۽ ٽيڪس گذارن طرفان پيش ڪيل تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته انهن تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو