اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ جي ضرورت آهي، ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي صارفين جي سهولت لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي بورڊز جي چيئرمينن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. حماد اظهر چيو ته موجوده حڪومت ڊسڪوز جي بورڊز کي حقيقي معنيٰ ۾ بااختيار ڪيو، بورڊز جي ميمبرن جي مقرريءَ ۾ سمورن لاڳاپيل شعبن جي ماهرن جي چونڊ ڪئي وئي. بورڊز جي ذميداري آهي ته ڊسڪوز جا معاملا احسن طريقي سان انجام ڏين. حماد اظهر چيو ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نظام کي موجوده دؤر جي حالتن مطابق ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاور ڊويزن ڊسڪوز بورڊز کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي.
105