113

افغانستان ۾ اسان جو ڪو به فيورٽ ناهي، پاڪستان جي افغانستان تي پاليسي واضح آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ماضي مان سبق سکي مستقبل جي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون، افغانستان ۾اسان جو ڪو به فيورٽ ناهي، پاڪستان جي افغانستان تي پاليسي واضح آهي، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، پرڏيهي وزير سينيٽر شيري رحمان جي صدارت ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان کان اڳ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي سلامتي واري خاص مددگار معيد يوسف ۽ ٻين ڪميٽي جي ميمبرن کي خوش آمديد چيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ پرڏيهي وزارت ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، انهي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته ادارن پاران پارليامينٽ جي ميمبرن کي خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وڃي، پارلياماني اڳواڻن جي خواهش تي ادارن پاران پارليامينٽ ۾ 8 ڪلاڪ جي جامع بريفنگ ڏني وئي پر ان ويهڪ ۾ صرف افغانستان تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوشش آهي ته ٻي ويهڪ عيدالاضحيٰ کان اڳ ٿي سگهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آمريڪا کان اسپوڪن پرسن چئي رهيا آهن ته پاڪستان اسان جو تعميري حصيدار آهي، ان جي موجب افغانستان ۾ انهن جي ۽ پاڪستان جي منزل هڪ آهي، ٽئين ڳالهه اها پاڪستان رڳو افغانستان جي نظر سان نٿو ڏسڻ چاهي، هو چاهي ٿو ته 31 آگسٽ تائين افغانستان مان انخلا مڪمل ٿي ويندو پر پاڪستان ۽ خطي سان امن لاءِ هڪ رشتو هموار آهي، اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پوري دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪرڻ تي مجبور آهي ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، هن چيو ته اسان جي سوچ هئي ته انخلا ذميداراڻو ٿئي ته جيئن ڪا به منفي قوت خلا مان فائدو نه کڻي سگهي، اسان چاهيون ٿا ته انخلا ۽ افغان امن عمل کي گڏوگڏ جاري رهڻ گهرجي. ان (آمريڪا) جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي، انهن مقصدن کي صدر بائيڊن بيان ڪيو آهي، ان موجب ان جو مقصد 9/11 جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ هو جيڪو مڪمل ٿيو، انهن جو مقصد افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن کي ايترو ڪمزور ڪرڻ هو ته هو آئنده ڪنهن ٻي کي نشانو نه بڻائي سگهن.  هو سمجهن ٿا ته اهي هدف انهن حاصل ڪري ورتو آهي، هو چون ٿا ته اسان افغانستان ۾ قوم جي تعمير لاءِ نه آيا هئاسين، افغانستان جو مسئلو افغانن کي گڏجي حل ڪرڻو آهي ۽ اسان به اهو ئي چئي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته سندن موقف اهو آهي ته انخلا کانپوءِ به هو انساني بنيادن تي مدد جاري رکندا، هو ڊپلوميٽڪ موجودگي رکڻ چاهين ٿا، هو ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جو اشارو به ڏئي رهيا آهن، هنن زلمي خليل زاد کي هدايت ڪئي آهي ته هو جامع ڳالهين جي ذريعي افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ رابطا جاري رکندو، پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي اڄ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري بلنڪن سان ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي، آئون ان جي سامهون پاڪستان جو موقف رکندس. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي اڳوڻن اتحادين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دوحه معاهدي ۽ بين الافغان ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي، دوحه معاهدي ۾ طالبان انخلا جي دوران حملو نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ هن ان معاهدي جي پاسداري ڪئي، جنهن کي آمريڪا تسليم ڪري ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ان جي موجب ٽي علائقا اهڙا آهن جتي ٽيررازم وڌي سگهي ٿو جنهن ۾ وچ اوڀر، آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا شامل آهن، انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن، ان سڄي تناظر ۾ پاڪستان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.افغانستان ۾ اسان جو ڪو به فيورٽ ناهي، پاڪستان جي افغانستان تي پاليسي واضح آهي: شاهه محمود قريشي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو