اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 25 فوتگيون ٿيون جنهن مان 16 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 737 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 14 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 12 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 14 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 18 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان اسڪردو ۾ 67 سيڪڙو، ملتان ۾ 17 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 20 ۽ گلگت ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 47 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 102، پنجاب ۾ 17 هزار 196، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 547، اسلام آباد ۾ 1 هزار 978، بلوچستان ۾ هڪ هزار 397، گلگت بلتستان ۾ 475، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 11 هزار 383 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 210 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 35 هزار 573 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 69 هزار 476 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 811، بلوچستان ۾ 27 هزار 781، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 700، اسلام آباد ۾ 83 هزار 400، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 39 هزار 8، پنجاب ۾ 3 لک 47 هزار 553 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 44 هزار 223 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 520 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 556 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 10 هزار 805 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 348 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 782 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 317 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 111 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 591 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 49 لک 60 هزار 221 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 224 مريض علاج هيٺ آهن.
117