138

نالائقي ۽ سليڪشن جو سج آزاد ڪشمير ۾ اڀرڻ نه ڏينداسين: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪشمير کي وڪرو ڪيو آهي هو ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ اڇلي آيو. تحريڪ انصاف حڪومت جي تباهي، نالائقي ۽ سليڪشن جو سج آزاد ڪشمير ۾ اڀرڻ نه ڏينداسين.ڪوٽلا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ليگي اڳواڻ مريم نواز چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جو وائرس والاريل ڪشمير کي ڳهي ويو. عمران خان ۽ تحريڪ انصاف ڪورونا وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ آهن.  منهنجي رپورٽن موجب ڪشمير جي سودي ۾ عمران خان جي مرضي شامل هئي. ڪشميري عوام سان ملي عمران خان کان پڇڻ چاهيان ٿي ته ڪشميرين جو رت توکي وڪرو ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟. هن چيو ته جنهن انسان سموري زندگي راندين ۾ گذاري هجي ان کي ڪهڙي خبر ته پرڏيهي پاليسي ڇا ٿيندي آهي. مريم نواز چيو ته نوازشريف ٻڌائيندو هو ته مون موٽرويز ٺاهيا، بجلي ٺاهي، ضرب  عضب ڪاميابي سان ڪيو. پر عمران خان ڪشمير  ۾ ايندو ته عوام کي ڇا ٻڌايئندو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو