اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر بابت خبردار ڪندي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، هاڻي ڪورونا جي چوٿين لهر شروع ٿيڻ جو علامتون ظاهر ٿي رهيو آهن، اسد عمر چيو ته شادي هالز، هوٽل ۽ جم مالڪن ذميواري نه ڏيکاري ته سهولت بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه آهي، اسد عمر چيو آهي ته 2هفتا اڳ ٻڌايو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪورونا جي چوٿين لهر جا امڪان ظاهر ڪري رهي آهي، چوٿين لهر بابت 2هفتا اڳ خبردار ڪيو هو.
