فائرنگ 148

دادو ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو گولين جو کاڄ

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ڀرسان شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ دادو ڪئنال تي ڇاٻ موري هوٽل تي ويٺل ڳوٺ لال بخش شاهاڻي جو رهواسي لال بخش عرف لال شاهاڻي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، واقعي جو مخدوم بلاول ٿاڻي تي وارثن پاران دير تائين ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي، تفصيل موجب ڳوٺ لال بخش شاهاڻي جو رهواسي لال بخش عرف لال شاهاڻي پنهنجي ڳوٺ ڀرسان دادو ڪئنال تي ڇاٻ موري تي ويٺل هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي نتيجي هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو، جتان وڌيڪ علاج لاءِ کيس نوابشاهه نيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي هو فوت ٿي ويو. سندس مڙهه کي نوابشاهه مان سول اسپتال دادو آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب لال بخش شاهاڻي کي7 گوليون جسم ۾ لڳل هيون، ٻي طرف لال شاهاڻي جو لاش ڳوٺ لال بخش شاهاڻي پهتو ته سندس گهرڀاتي لاش کي چنبڙي ويا ۽ قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي مطالبو ڪري رهيا هئا ته لال بخش شاهاڻي جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته لال بخش شاهاڻي جي قتل ۾ سندس ذات جا ماڻهو ملوث آهن، جيڪي ايف آءِ آر ۾ فريادي پاران ظاهر ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو