114

اليڪشن ڪميشن پاران ڪنٽومينٽ چونڊن جو شيڊيول جاري،12 سيپٽمبر تي پولنگ ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪنٽومينٽ چونڊن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، 12 سيپٽمبر تي پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب 42 ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ پولنگ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ 26 کان 29 جولاءِ تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني 31 جولاءِ کان 3 آگسٽ ۽ اميدوارن جي چونڊ نشانن سان گڏ حتمي لسٽ 13 آگسٽ تي جاري ٿيندي، رٽرننگ آفيسر 17 سيپٽمبر کان ڪامياب اميدوارن جي نتيجن جو اعلان ڪندا،شيڊيول بعد ترقياتي ڪمن ۽ مقررين تي پابندي هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو