136

سنڌ جي تعليم تي اڃا ڪيترا تجربا ٿيندا…؟؟

ليکڪ: نديم ميمڻ

عام چوڻي آھي ته ڪنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته ان کان تعليم کسي وٺجي. سو ھن وقت سنڌ جي تعليم ۾ ھر مھيني نوان تجربا ٿي رھيا، ان سان تعليم سڌرڻ بدران ڏينھون ڏينھن پٺتي وڃي رھي آھي. ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ استادن کي جنھن طريقي سان ھيسايو پيو وڃي انهن جي پريشاني جو اثر شاگردن تي به پئجي رھيو آھي.ھن وقت بنيادي تعليم ڏيندڙ پرائمري استادن مٿان تعليم کاتي سنڌ پاران تجربن مٿان تجربا جاري آھن. استادن جي اپگريڊيشن ۽ پروموشن جي  حوالي سان تازو ھڪ پاليسي متعارف ڪرائي وئي جنھن تي به ڪو عمل نه ٿيو ۽ وري ٻئي پاليسي آندي وئي، ان تي به عمل نه ٿيو ۽ ھاڻي وري پاليسين ۾ تبديلين جون ڳالھيون ھلندڙ آھن پر ڪنھن ھڪ به پاليسي تي عمل ٿيندي اڄ ڏينھن تائين نظر نه آيو آھي، جنھن سان استاد ذھني طور ڊسٽرب ٿي رھيا آھن. ھڪ پاسي پاڪستان جي سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ 5 سال اڳ 14 اسڪيل ۾ اپگريڊ ٿي چڪي آھي ۽ گڏوگڏ کين پروموشن پڻ ملي رھيا آھن، صرف سنڌ ۾ اڃان تائين پرائمري پوسٽ 9 اسڪيل ۾ ئي آھي جنھن کي 14 اسڪيل ۾ آڻڻ جا 6 مھينن کان رڳو اعلان ئي ٻڌجي رھيا آھن، تعليم واري وزير ۽ ڪامورن کي پاڻ ئي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته اسان ڪريون ڇا پيا ۽ ڪرڻو ڇا آھي، بس رڳو تجربن تي وٺ وٺان لڳي پئي آھي. انھن تجربن جي ڪري سنڌ جي تعليم جي ترقي ناممڪن بڻجي ويندي، ڪجهھ سال اڳ سنڌ ۾ ھزارين مانيٽرنگ اسسٽنٽ ڀرتي بايو ميٽرڪ حاضري وٺڻ لاءِ ڀرتي ڪيا ويا جن کي موٽر سائيڪل پڻ ڏنا ويا پر ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود اھو تجربو مڪمل ناڪام ثابت ٿيو، جنھن ۾ سواءِ ھلندڙ اسڪول بند ٿيڻ، استادن کي بايو ميٽرڪ واري جاءِ تي گھر کان پري واري اسڪولن ڏانھن وڃڻ لاءِ پريشان ڪرڻ کان سواءِ ڪجهھ به ھڙ حاصل نه ٿيو.ھاڻ وري ھڪ ٻي ڦوڪ ڏني پئي وڃي ته ھر اسڪول ۾ بايو ميٽرڪ ڊوائيس لڳائي استادن ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي ويندي. اسڪول به اھي جن ۾ بجلي تي ٺھيو پر ڇت جو به نالو نشان نه آھي. اڪثر اسڪولن ۾ ٻار وڻن ھيٺ پٽ تي ويھي پڙھن ٿا، ڪٿي ڪٿي 200 شاگردن کي ھڪ استاد منھن ڏيندي نظر ايندو جيڪو ھڪ ئي وقت پھرين کان وٺي پنجين ڪلاس جي ٻارن کي تعليم ڏيندو آھي. اھو جيڪڏھن صبح مان ٻارن جي بايو ميٽرڪ حاضري وٺڻ شروع ڪري ته وڃي موڪل جي وقت تائين به سڀني جي حاضري نه وٺي سگھندو، نتيجي ۾ جتي ٿورا گھڻا اسڪول ھلندڙ ھوندا اتي ٻارن جي تعليم کي تالو لڳي ويندو، ان کان سواءِ سنڌ جا 800 اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سيف حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ساليانو ڪروڙين رپيا پگھارون کڻندڙ ڪامورا ھيستائين سنڌ جي تعليم کي تباھه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪم پيا ڪن، ھاڻ وري اسڪولن کي خانگائڻ طرف وٺي وڃي رھيا آھن، جيڪو غريب جي ٻار کان تعليم کسڻ وارو فيصلو آھي. اميرن جا ٻار ھونئن به پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائين ٿا پر غريب جي ٻار جي تعليم جو واحد ذريعو اھي سرڪاري اسڪول ئي آھن، جن ۾ نه فرنيچر، نه واش روم، نه راند جو ميدان، نه لائبريري، نه ليبارٽري ۽ ٻيون جديد سھولتون آهن جيڪي پرائيويٽ اسڪولن ۾ حاصل آھن.سنڌ سرڪار کي گھرجي ته روزانو تعليم بابت پاليسيون بدلائڻ بدران ڪجهه اسڪولن جي حالتون تبديل ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو وڃي. اسڪولن ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ راند جا ميدان، غير نصابي سرگرميون ڪرائڻ، اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، سولر سسٽم، ڪمپيوٽر، لائبريريون ۽ تجربي گاھون مھيا ڪري ڏئي جيئن سنڌ جي تعليم کي سهارو ملي پوي ۽ سنڌ جي اڪثريتي عوام غريبن جا ٻار به سٺي ۽ معياري تعليم مفت ۾ حاصل ڪري سگھن. سرڪاري اسڪولن جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو سنجيده ٿيڻ تمام ضروري آھي ان کان سواءِ باشعور فردن کي مقامي سطح تي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي جيئن صرف استادن تي تنقيد ڪرڻ بدران انھن اسڪولن جا مسئلا ٻڌي انھن کي حل ڪيو وڃي جيئن سنڌ جي تعليم جي ترقي ممڪن بڻجي سگھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو