127

شهادت حضرت امام محمد تقي عليه السلام….

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

عالم اسلام جي نائين پيشوا جو نالو ”محمد“ ، ”تقي ۽ جواد“ مشهور لقب ۽ ڪنيت ”ابوجعفر“ هئس.سندن ولادت 10 رجب المرجب سال 195 هجري، معتصم عباسي جي دؤر ۾، مديني ۾ ٿي. والد جو نالو ”علي“ هو، جنهن جو لقب ”الرضا“ آهي جنهن جي مزار ايران جي مشهور شهر ”مشهد“ ۾ آهي، جتي اٺ ئي پهر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين جو ميڙو لڳو پيو هوندو آهي، امام محمد تقي عليه السلام جي امڙ جو نالو ”سبيکة“ هو جنهن کي امام رضا عليه السلام ”خيزران“ سڏيندا هئا. هن جو تعلق حضرت رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي گهر واري ام المؤمنين بي بي ”مارية قبطية“ جي خاندان سان هو، جيڪا گڻن جي اعتبار کان پنهنجي زماني جي عورتن کان مٿڀري هئي.پاڻ ڪريم صه ”خيرةالاماءِ“ جي لقب سان سڏيندا هئس، (ڪافي،ج1،ص323). حضرت امام رضا عليه السلام جي ڀيڻ بي بي حڪيمه خاتون کان روايت آهي ته”جڏهن امام محمد تقي (ع) جي ولادت ٿي ته جناب امام رضا(ع) مون کي ڪجهھ ڏينهن تائين خيزران وٽ رهڻ جو چيو. انڪري مان اتي ترسي پيس، محمد تقي (ع) جڏهن ٽن ڏينهن جو ٿيو ته اکيو کولي آسمان ڏي واجھائي چوڻ لڳو ته مان شاهدي ٿو ڏيان ته سواءِ الله جي ٻيو ڪو به پوڄا جي لائق ناهي ۽ هيءَ به گواهي ٿو ڏيان ته محمد(ص) الله جو رسول آهي. ننڍڙي جي اها ڪيفيت ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ڀاءُ امام رضا (ع)جي خدمت ۾ حاضر ٿي جيڪو ڪجھه ڏٺو هئم ان جو پيرائتو احوال ٻڌايومانس. تنهن تي چوڻ لڳو ته ان کان پوءِ جيڪي ان ننڍڙي مان اهڙي قسم جون ڪرامتون ڏسندؤ اهي ان کان به وڌيڪ عجب ۾ وجهندڙ هونديون“.(مناقب، ج4ص394). ابو يحيٰ صنعاني جو چوڻ آهي ته ”مان هڪ ڀيري امام رضاعليه السلام جي خدمت آيس، ان دوران سندس ننڍڙي محمد تقي(ع) کي سندس خدمت ۾ کڻي آيا ان ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳاته هي ننڍڙو  آل محمد جي محبن لاءِ نهايت ئي بابرڪت آهي، ان جو ڪو مٽ ئي ناهي“.(انوار البهيه،ص125. ڪافي، ج1، ص321، ارشاد مفيد،ص299). نوفلي جو چوڻ آهي ته جڏهن مان خراسان جي سفر تي ويم ته ان دوران امام رضا(ع) سان ملاقات ٿي، موڪلاڻي وقت امام جي خدمت ۾ عرض ڪيم ته منهنجي لاءِ ڪو حڪم؟ فرمايائون ته مون کان پوءِ منهنجي هن پٽ جي اطاعت ڪرڻ لازمي هوندي، مان هڪ اهڙي سفر تي وڃڻ وارو آهيان جنهن مان منهنجي واپسي نه ٿيندي.(عيون اخبار الرضا،ج2، ص216). محمد بن ابي عباد جيڪو امام رضا(ع) جو ڪاتب هو ان جو چوڻ آهي ته امام رضا عليه السلام جڏهن به پنهنجي پٽ جو ذڪر ڪندا هئا ته سندس نالي بجاءِ ڪنيت سان سڏيندا هئس. جيڪڏهن مديني مان ان جو ڪو خط ايندو هو ته فرمائيندو هو ته ”ابو جعفر مونکي خط لکيو آهي“، جڏهن مان امام رضا (ع) جي حڪم سان سندس فرزند ابو جعفر ڏي خط لکي رهيو هئس ته ان لاءِ نهايت ئي احترام وارا لفظ چوندا پئي ويا. انهن خطن جي جواب ۾ امام تقي (جواد) عليه السلام جا جيڪي به خط ايندا هئا نهايت ئي خوشخط ۽ بليغ هوندا هئا“(عيو اخبار الرضا،ج2، ص240). امام محمد تقي (ع) اٺن، نون سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ امامت جي عهدي تي سرفراز ٿيا، معليٰ بن محمد جو چوڻ آهي ته جڏهن امام رضا (ع) جي شهادت کان پوءِ هڪ ڀيري منهنجي امام محمد تقي (ع) سان ملاقات ٿي. ان دوران مان تمام غور سان سندس هڏ ڪاٺ ۽ جسماني وضع قطع کي گهوري، گهوري ڏسڻ لڳس ته جيئن مڪمل پتن پارن سان سندس محبن سان ذڪر ڪريان. ان تي پاڻ ويهي مونکي فرمائڻ لڳا ته اي معليٰ! الله تعاليٰ امامت کي به نبوت وانگر هڪ عطائي امر طور بيان فرمايو آهي ته ”و آتيناه الحکم صبيا“(اسان يحيٰ کي ننڍپڻ ۾ ئي نبوت عطا ڪئي سين. ارشاد مفيد،ص 306.)  امامن سڳورن جي سيرت جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ته اما رضا(ع) جي شهادت کان پوءِ بغداد ۽ ڪن ٻين علائقن جا ڪي ستر، اسي عالم حج سانگي سفر تي روانا ٿي ويا، جڏهن مدينه منوره کا لانگهائو ٿيا ته امام تقي (ع) سان ملاقات ڪرڻ لاءِ حضرت امام صادق عليه السلام واري خالي پيل گهر ۾ منزل انداز ٿيا، ان وقت امام محمد تقي (ع) اڃا ننڍو هو، جڏهن ساڻن ملڻ لاءِ ويٺو ته”موفق“ نالي هڪ شخص امام (ع) جو آيلن کي تعارف ڪرايو ته سڀ احترام وچان اٿي بيٺا ۽ سلام ڪيائون.ان دوران امام (ع) کان ڪافي سوال پڇيائون، امام کين جواب ڏيندو مطمئن ڪندو ويو، ان مان انهن کي آنحضرت جي امامت جو پختو يقين ٿي ويو، انڪري خوشيءَ وچان امام (ع) جي واکاڻ ڪرڻ ۽ دعائون ڏيڻ لڳا. انهن مان اسحاق نالي هڪ شخص جو چوڻ آهي ته مان امام (ع) کان پڇڻ لاءِ هڪ ڪاغذ تي ڏھ کن سوال لکي آيو هئس ۽ دل ۾ سوچيو هئم ته امام جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب ڏنا ته کيس دعا ڪرڻ لاءِ عرض ڪندم ته جيئن منهنجي گهر واري جيڪا اميد سان آهي، پٽ ڄڻي. ڪچهري ڊگھي ٿي وئي، لڳاتار سوال پڇي رهيا هئا ۽ امام (ع) کين جواب ڏيندو پئي ويو. انڪري دل ۾ سوچيم ته ڪنهن ٻئي ڏينهن تي پنهنجي سوالن وارو ڪاغذ امام (ع) جي خدمت ۾ پيش ڪندس، انڪري اٿڻ لڳس. امام (ع) جيئن ئي مون کي اٿندو ڏٺو ته چوڻ لڳو ته اي اسحاق، مان تو لاءِ دعا گهري ڇڏي آهي ۽ خدا تعاليٰ اها قبول به فرمائي ورتي آهي، تو کي رب جي حڪم سان پٽ ڄمندو، ان جو نالو ”احمد“ رکجان، دل ۾ چوڻ لڳس ته خدا جو شڪر، بلاشڪ هي خدا جي حجت آهي. ابو اسحاق جڏهن پنهنجي وطن موٽي آيو ته خدا کيس پٽ عطا ڪيو جنهن جو نالو ”احمد“ رکيائين.(عيون المعجزات،ص109). امام عليه السلام جا ڪيئي شاگرد ۽ ارادتمند هئا تن مان علي بن مهزيار، احمد بن محمد بن ابي بصير، زڪريا بن آدم۽ محمد بن اسماعيل (عليهم الرحمة) سرس نامور آهن، امام تقي عليه السلام ذو القعده الحرام مهيني جي آخر، سال 220هجري، معتصم عباسي جي دؤر حڪومت ۾، ان جي ئي سئين سڌي سازش سان زهر ذريعي شهيد ڪيا ويا. سندن امامت جو مدو 17 سال ۽ ڪل عمر 25 سال هئي، سندن اولاد جو تعداد يارهن هو، جن مان چار پٽ ۽ ست نياڻيون هيون. سندس جسم اطهر کي عراق جي موجوده گادي واري هنڌ بغداد ويجھو ”الڪاظمية“ يا ”ڪاظمين“ نالي علائقي ۾ امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جنهن جي زيارت لاءِ روزانو پوري دنيا مان هزارن جي تعداد ۾ زائر ڪهي اچن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو