ليکڪ: فرينڪ گارڊنر
مغربي انٽيليجنس ايجنسين جا سربراهه پريشان آهن، انهن وٽ ان پريشاني جو چڱو خاصو سبب به آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حڪمن مطابق افغانستان مان باقي مغربي فوج جي به هلندڙ مهيني نيڪاليءَ طالبان ويڙهاڪن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، تازن ڏينهن ۾ انهن هڪٻئي پٺيان ڪيترن ئي ضلعن تي قبضا ڪري ورتا آهن، اهڙن ڪيترن ئي اڏن تي به قبضو حاصل ڪري ورتو آهي، جتي پست حوصلي جو شڪار سرڪاري فوجي اهلڪار يا ته هٿيار ڇڏي چڪا آهن يا فرار ٿي ويا آهن، مبصرن کي خدشو آهي ته اوچتو نيڪالي کانپوءِ عالمي دهشتگردي جي افغانستان مان واپسي جا امڪان وڌي ويا آهن، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي بابت تجزيي ڪار ڊاڪٽر سجن گوهيل بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بائيڊن طرفان افغانستان مان فوجي ڪڍڻ کانپوءِ طالبان جو قبضو اڻٽر ٿيندو پيو وڃي ۽ القاعده کي پنهنجي نيٽ ورڪ جي نئين سر تعمير جو موقعو مليو آهي جتي هو هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ حملن جي منصوبابندي ڪري سگهي ٿي، اهو يقيني طور تي افغان صورتحال جو انتهائي مايوس ڪندڙ خاتمو آهي، پر هتي ٻه شيون يقيني آهن، پهرين اها ته طالبان جن 1996ع کان 2001ع تائين طاقت جي زور تي افغانستان ۾ حڪمراني ڪئي، اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس اچي رهيا آهن، اڃا تائين طالبان جو چوڻ آهي ته انهن کي طاقت ذريعي ڪابل تي قبضي ڪرڻ جي ڪا خواهش نه آهي پر ملڪ جي وڏن حصن ۾ هو اڳ ئي غالب طاقت آهن ۽ انهن پنهنجي انتهاپسند سوچ مطابق ملڪ کي اسلامي رياست بڻائڻ جو مطالبو به ناهي ڇڏيو. ٻي ڳالهه اها آهي ته خراسان صوبي ۾ القاعده ۽ ان جي مخالف دولت اسلاميه افغانستان ۾ پنهنجي ڪارروائين کي وڌائڻ لاءِ مغربي فوج جي روانگي مان فائدو کڻڻ چاهينديون. القاعده ۽ داعش اڳ ئي افغانستان ۾ وجود رکن ٿيون، انهن جو وڏو حصو پهاڙي علائقن تي ٻڌل آهي، هن وقت تائين افغان حڪومت جي انٽيليجنس سروس اين ڊي ايس آمريڪي ۽ ٻين خاص دستن سان گڏجي ڪم ڪندي رهي آهي، اها حڪمت عملي ۽ تعاون صورتحال کي جزوي طور تي ئي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، هاڻ کان ئي افغان فورسز جي حملن جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ بمباري به شروع ٿي چڪي آهي پر اهڙن اڻ ڳڻين موقعن تي مخبرين ذريعي حاصل ٿيندڙ اطلاع يا ڪنهن موبائل فون ڪال جي نتيجي ۾ علم ۾ ايندڙ دشمن جي چرپر بابت ڄاڻ جي مدد سان افغان ۽ مغربي فوج جا دستا ڪارروائي ڪندا هئا ۽ هن وقت تائين اهي رات جي وقت ۾ اوچتو پنهنجي دشمن کي پڪڙي منٽن ۾ جوابي حملو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن پر هاڻ ان قسم جي حملن جو سلسلو ختم ٿيڻ وارو آهي. طالبان هلندڙ هفتي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن 11 سيپٽمبر کانپوءِ غير ملڪي فوج افغانستان ۾ رهجي وئي، ڀلي اها سفارتخانن يا ڪابل جي هوائي اڏي جي حفاظت لاءِ به مقرر ڇو نه هجي ته هو ان کي دوحا ٺاهه جي ڀڃڪڙي سمجهندا، طالبان افغانستان ۾ پوئتي ترسيل ڪنهن به غير ملڪي فوجي دستن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. برطانوي انٽيليجنس سروس جي اڳوڻي چيف سر اليڪس ينگر اسڪاءِ نيوز کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن مغرب افغانستان کي ڇڏي ڏنو ته ان سان سڌي ريت برطانيا لاءِ دهشتگردي جا خطرا وڌي ويندا. برطانيا لاءِ پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪي فوجي اڏن ۽ فوري هوائي مدد کانسواءِ ملڪ ۾ ڪجهه درجن ايس اي ايس يا برطانوي ڪمانڊو کي ڪيئن پويان ڇڏي ۽ نتيجي ۾ کين هڪ مڇريل طالبان جو شڪار ٿيڻ ڏئي، جيئن ته طالبان مطالبو ڪيو آهي ته مغربي فوج مڪمل طور نڪرڻ گهرجي ته اهڙي صورت ۾ مغربي فوج وٽ دهشتگردي جي ڪاررواين بابت انٽيليجنس جي مدد سان ڪارروائي ڪرڻ جو رستو ئي موجود نه رهندو ته پوءِ طالبان ۽ القاعده جي لاڳاپن جي حقيقت ڇا آهي؟ ڇا ڪهڙي به طرح سان طالبان جي اقتدار ۾ واپس اچڻ جو مطلب ڪٿي القاعده، ان جي سمورن اڏن، ان جي دهشتگردي جي تربيتي ڪئمپن جتي ڪتن تي زهريلي گئس جا ڪريل تجربا ڪيا ويا انهن سڀ سرگرمين جي واپسي آهي؟ مختصر اهو ته 2001ع ۾ آمريڪي قيادت ۾ ٿيندڙ حملي جو مقصد القاعده جي سمورن مرڪزن جو خاتمو هو ۽ اهو سوال سالن کان مغربي انٽيليجنس جي سربراهن کي پريشان ڪري رهيو آهي، هاڻ 2 ڀيرا 2008ع ۽ هلندڙ سال برطانوي حڪومت جي ڳجهن دستاويزن انڪشاف ڪيو آهي ته انهن ٻنهي گروهن(القاعده ۽ طالبان) وچ ۾ رابطن بابت برطانيا کي ڪيتري ڳڻتي آهي. ڊاڪٽر گوهل جيڪو سالن کان هن خطي ۾ انتهاپسند گروهن جو مطالعو ڪري رهيو آهي کيس انهن رابطن بابت ڪو به شڪ نه آهي، ايشيا پيسيفڪ فائونڊيشن جي ڊاڪٽر گوهل چيو ته طالبان القاعده کان الڳ نه آهي، اهي ثقافتي، معاشرتي ۽ سياسي لاڳاپن ۽ رابطن کي ختم نه ڪري سگهندا، ڀلي انهن جي قيادت واقعي القاعده سان رابطو ترڪ ڪرڻ به چاهيندي هجي، جڏهن القاعده اڳواڻ اساما بن لادن 1996ع ۾ پنهنجو سرگرميون سوڊان مان واپس افغانستان منتقل ڪيون تڏهن کان 2001ع ۾ پنهنجي ڪاررواين تائين طالبان ان کي هڪ محفوظ پناهگاهه فراهم ڪئي. ان وقت طالبان حڪومت کي تسليم ڪندڙ صرف 3 ملڪن مان هڪ سعودي عرب پنهنجي انٽيليجنس سربراهه شهزاده ترڪي الفيصل کي طالبان ڏانهن موڪليو هو ته جيئن طالبان اساما بن لادن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي وڃن پر طالبان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي القاعده جا افغان اڏا ئي هئا، جتان القاعده 11 سيپٽمبر 2001ع جي تباهه ڪندڙ حملن جي منصوبابندي ڪئي هئي. پر برطانيا جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل سرنڪ ڪارٽر جنهن افغانستان ۾ مختلف قسمن جون خدمتون سرانجام ڏنيون، جو خيال آهي ته شايد طالبان جي قيادت کي پنهنجي اڳوڻين غلطين مان سبق حاصل ٿي چڪو هوندو. هن چيو ته جيڪڏهن طالبان اقتدار ۾ ڀائيواري لاءِ يا ان تي قبضي ڪرڻ جي اميد ڪن ٿا ته پوءِ هو هن ڀيري عالمي طور تي هڪ الڳ حڪومت بڻجڻ نه چاهيندا ۽ اها ئي هڪ مشڪل آهي، طالبان ۾ اهي سمجهدار اڳواڻ جن دوحا جي عاليشان زندگي جو مزو ورتو آهي پنهنجي ايندڙ حڪومت لاءِ چاهيندا ته کين عالمي طور تسليم ڪيو وڃي. جنهن لاءِ هو القاعده کان فاصلو رکڻ لاءِ پاڻ ۾ بحث ڪري سگهن ٿا پر افغانستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ جتي هڪ مرڪزي حڪومت جو وجود نه رهيو آهي اتي اها ڳالهه يقيني طور تي چئي نٿي سگهجي ته اڳتي طالبان جي حڪومت به القاعده تي ڪنٽرول ڪري سگهندي، ڇو ته القاعده آساني سان افغانستان جي ڳوٺن ۽ پري پري وارين وادين ۾ پير پختا ڪري سگهي ٿي، نيٺ پنهنجي اثر کي وڌيڪ پکيڙڻ لاءِ القاعده ۽ داعش جي گروهن ۾ جنهن شيءِ جي ضرورت آهي اها هڪ انتشار واري ۽ غير مستحڪم صورتحال آهي. سمورا اشارا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اهي افغانستان ۾ ان قسم جون حالتون حاصل ڪرڻ وارا آهن.