132

دودي ڀيل جو موت انصاف طلبي ٿو…

ليکڪ: عبدالغني بجير

ٿرڪول بلاڪ2 جي سيڪيورٽي ھٿان تشدد بعد فوت ٿيل دودو ڀيل جو ڳوٺ پاور پلانٽ جي  بائونڊري وال سان لڳو لڳ واقع آھي.ڳوٺ ابن جو تڙ واسين ڳوٺ جي ٻنھي پاسن کان موجود ھيوي مشينري ۽ دونھين دار چمنين جي باوجود ڪمپني انتظاميا کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پراجيڪٽ جي تعميري سفر دوران ھر سطح جو سماجي تعاون جاري رکيو.دودو ڀيل ۽ ڀائر سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي ذيلي ڪمپنين وٽ ڳچ عرصي کان مزدوري ڪندا رھيا آھن، ٽي ھفتا اڳ ٿرڪول جي سيڪورٽي گارڊن ڪمپني جي چار مزدورن تي چوري جو الزام مڙھي کين ڊيوٽي تان ھٽائي الڳ قيد ڪيو،چوري مڃرائڻ لاءِ ايترو تشدد ڪيو ويو جو مزدورن جي حالت بگڙجندي وئي. بعد ۾ اندروني سيڪيورٽي خوف سبب معاملو پوليس جي حوالي ڪيو. ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ پھرين ڏينھن مرڻينگ حالت ۾ مزدورن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل کان انڪار ڪيو پر پوليس اختيارين جي ھدايتن بعد چئن مزدورن تي چوري جو ڪيس داخل ڪري تشدد واري معاملي کي دٻائڻ ۽ قانوني رخ ڏيڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي.ايف آئي آر جي ڪاپي ملڻ بعد وارثن عدالت ذريعي ضمانت منظور ڪرائي، پر ڪمپني ۽ پوليس جي خوف  سبب مزدورن جا وارث اٻوجھائي ۾ انڊر پريشر ھئا، ضمانت کانپوءِ ڄاڻايل مزدورن کي پريس ڪلب آندو ويو، جتي جسم تي موجود زخمن جا نشان ڏيکاريا ويا، زخمي مزدورن دودو ڀيل،غلام قادر کوکر ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان تي مسلسل ھڪ ھفتي تائين تشدد ڪيو ويو، زبردستي چوري مڃرائي ويڊيو ريڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو پر اسان انڪاري رھياسين، انھن ڪمپني جي ٻن عملدارن جا نالا ٻڌائيندي چيو ته اسڪريپ جي چوري جو پڇاڻو انھن کان ٿيڻو ھو تنھنڪري اسان کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻي ڏينھن چئني مزدورن کي علاج لاءِ وارثن اسلام ڪوٽ اسپتال داخل ڪيو پر ڊاڪٽرن ھڪ مزدور دودو ڀيل جي حالت وڌيڪ خراب ھئڻ سبب کيس حيدرآباد منتقل ڪيو، جتي چار ڏينھن علاج ھيٺ رھڻ بعد زخمن جا سور نه سھندي دودو ڀيل سوين سوال ڇڏي راھه فاني ڏانھن روانو ٿيو. دودو ڀيل جي اھڙي موت جي خبر ڀيل برادري سميت ٿري عوام کي جنجهوڙي وڌو لاش کي اسلام ڪوٽ آڻي مين روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو.ڌرڻي ۾ ٿر جي سول سوسائٽي، مختلف جماعتن جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته اسلام ڪوٽ شھر کي مڪمل طور بند رکيو ويو. مظاھرين مطالبو ڪيو ته دودو ڀيل ۽ سندس ساٿين تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ٿرڪول سيڪيورٽي ھيڊ ۽ ٽيم تي ڪيس داخل ڪري فورن گرفتار ڪيو وڃي پر انتظاميا سيڪيورٽي ھيڊ تي ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي رھي، آخر ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر جو چوڻ ھو ته نامعلوم ماڻھن تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيون ٿا بعد ۾ جاچ ڪري نالا شامل ڪبا پر ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن اھڙو ڪيس داخل ڪرائڻ کان صاف انڪار ڪندي لاش سميت ڌرڻو جاري رکيو. 20ڪلاڪ گذرڻ بعد اعلي اختيارين جي نوٽيس بعد پوليس نيٺ ڪيس داخل ڪرڻ جي حامي ڀري، جنھن بعد ٿر ڪول جي سيڪيورٽي ھيڊ ڪاشف،گارڊ قمر ۽ حذيفا ملڪ سميت ڪل چار جوابدارن خلاف قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن بعد وارث لاش ڳوٺ کڻي وڃي دفنائڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري تائين پر امن احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، پر اگيئن ڏينھن ڄاڻايل ماڻهو ٿر ڪول جي سائٽ آفيس تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڪراچي وڃي ڪري حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي ورتي. پوليس جي روايتي سستي ۽ ڪن لاٽار سبب ٻيھر مظاهرين مشتعل ٿي ڌرڻي جي دائري کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ٿر پوليس رات جو ھڪ وڳي ڌاري ڌرڻي ۾ ويٺل ڀيل برادري جي ماڻھن تي اوچتي لاٺي چارج ڪندي ڏهه کن اڳواڻن کي گرفتار ڪري مٺي منتقل ڪيو، جنھن بعد مظاھرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيڻ دوران مشتعل ماڻھن پوليس اهلڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٻن فائيٽر پوليس موٽرسائيڪلن کي پڻ ساڙيو ويو، جنھن تي پوليس ويجھن ضلعن جي وڌيڪ نفري طلب ڪري ھڪ دفعو ٻيھر آنسو گيس جي شيلنگ ۽ لٺ بازي شروع ڪئي، شيلنگ جي دوران مظاھرين سان گڏ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي به رپورٽنگ کا روڪي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس ڀيل برادري جي ڪل 150 ماڻھن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڳوٺن ۾ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو جنھن بعد ڌرڻو وڌيڪ جاري نه رھي سگھيو.ڪيس ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي پيشي دوران گرفتار اڳواڻ لجپت سوراني ٻڌايو ته اسان جو پر امن مظاھرو ھو پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آھي. جنھن بعد عدالت جوابدارن کي پوليس ڪسٽڊي ۾ رکڻ واري پوليس جي درخواست رد ڪندي کين جيل حوالي ڪيو ٻي پاسي چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ پاران واقعي جو نوٽيس وٺي سيشن جج کي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وزير اعلي سنڌ کي ھدايتون جاري ڪيون، جنھن تي سنڌ حڪومت ٽي رڪني ڪميٽي تشڪيل ڏني جنھن ۾ شامل ٽن وزيرن امتياز شيخ،سرادر علي شاھ ۽ تيمور ٽالپر ٿر اچي ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ دودو ڀيل جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت جلد ڪيس واپس وٺندي،ڪميٽي ميمبرن پريس ڪلب اچي اهڙو اعلان پڻ ڪيو ويو جتي صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ تشدد جو شڪار صحافين سان پڻ معذرت ڪئي. جنهن بعد 8جنوري تي ميرپورخاص عدالت ۾ پيشي دوران ٿرپارڪر پوليس جي جاچ آفيسرن عدالت کي 497 بي تحت درخواست جمع ڪرائي ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آھن ۽ اھي ھن ڪيس ۾ گھربل نه آھن. جنھن تي عدالت 9 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڄاڻايل ڪيس ۾  سنڌ حڪومت پاران دودو ڀيل جي خاندان لاءِ ھڪ ڪروڙ مالي امداد ۽ زخمي ٽن مزدورن لاءِ الڳ الڳ 50-50  لک رپين جو اعلان ڪيو آھي پر ھڪ مزدور کي تشدد وگھي مارڻ لاءِ انصاف جي فراهمي سڀ کان اول ضروري آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو