115

نوشھرو فيروز جي سياست تي هڪ نظر

ليکڪ: سيد جاني شاهه

 1990 ع ۾ ضلعي نوابشاھه کي ٽوڙي نوشھرو فيروز کي چئين تعلقن ته ٻڌل ضلعي جو درجو ڏنو ويو، جنھن ۾ تعلقو مورو، تعلقو نوشھرو فيروز، تعلقو ڀريا ۽ تعلقو ڪنڊيارو شامل ھئا ضلعو ٺاھرائڻ ۾ اڳوڻي وزير اعظم مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي، اڳوڻو صوبائي وزير مرحوم سيد منظور حسين شاھه ۽ موجود ايم اين اي سيد ابرار علي شاھه جو اھم ڪردار ھو، جن جي ڪوششن سان ضلعي جو درجو مليو، وري مرحوم سيد منظور حسين شاھه ۽ سيد ابرار شاھه ارباب دور ۾ محرابپور کي تعلقي جو درجو ڏياريو، ضلعي جي سياست تي ٻن گھراڻن جو وڏو اثر رھيو آهي، جتوئي ڀائر جيڪي ھميشه پ پ مخالف حڪومت ۾ ضلعي جا ڪرتا درتا رھيا ۽ ٻيو گھراڻو درٻيلي جا سيد جيڪي ھميشه پ پ ۾ ھوندا ھئا، اڳوڻو ايم اين اي سيد ظفر شاھه اڳوڻو ايم اين اي سيد اصغر شاھه اڳوڻو ايم پي اي مرحوم سيد منور شاھه ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد احمد علي شاھه سڀ سرگرم سياسي اڳواڻ رهيا آهن، ضلعي جي سياست ھميشه ھنن گھراڻن جي ڪنٽرول ۾ رهي آهي، پ پ مخالف ووٽ بينڪ  کي جتوئي ڀائرن بھترين انداز ۾ ڪيش ڪيو ھو، 2018 ع کان اڳ جتوئي ڀائرن غلام مرتضئ جتوئي، مسرور خان جتوئي، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ عاقب خان جتوئي جو مورو کان وٺي محرابپور تائين سندن وڏو اثر ھو پر جڏھن ضلعي جي سياست تي نظر وجھون ٿا ته ھنن ٻن گھراڻن ضلعي کي ڇا ڏنو آهي، ھميشه اقتدار ۾ رھندڙ ٻئي ڌريون عوام کان پري رھيون روڊ رستا ته پري جي ڳالهھ، ضلعي ۾ صحت جي حوالي سان ھنن نه ڪو ميڊيڪل ڪاليج ڏنو، نه ڪو وڏو ادارو کولرايو نه ئي ڳوٺن ۾ ڪا صحت جي بنيادي ڪا سھولت ڏني، ترقياتي ڪم ته ضلعي جي نصيب ۾ ئي نه ھو، ضلعي انتظامه ھنن ڌرين وٽ ھجڻ ڪري ڪري ضلعي ۾ ڪڏھن به امن وامان جي صورت حال بھتر نه رهي ھئي سدائين ضلعو بدامني جي ليپيٽ ۾ رھيو، بيروز گاري به تمام گھڻي وڌي وئي ھئي، پ پ جي اعليٰ قيادت نيٺ عوامي شڪايتن بعد ضلعي قيادت چينج ڪئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار کي ضلعي جي قيادت سونپي جنهن نوجوانن تي ٻڌل ٽيم ٺاھي، 2012ع ۾ ضمني اليڪشن ۽ 2013 ع  واري عام چونڊن ۾ ضيا ءُ الحسن لنجار مڪمل طرح  ضلعي ۾ پير پاتو، ضلعي سياست تي ڪنٽرول ته ڪيو ھو پر تعلقي محرابپور ۽ ڪنڊيارو ۾ مشڪلاتون رهيون، بعد ۾ سيد ابرار علي شاھه پ پ ۾ شامل ٿيو ته ضلعي جي سياست ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، جتوئي ڀائرن پنھنجي مخالف حريف سيد ظفر شاھ سان جتوئي سيد اتحاد ٺاھيو پر اتحاد ڪي خاص ڪاميابيون حاصل نه ڪيون، بلدياتي اليڪشن ۾ 65 يونين ڪائونسل مان 11 يونين ڪائونسل تي جتوئي سيد اتحاد  ڪاميابي ماڻي  ھڪ ٽائون ڪاميٽي محرابپور ۾ ڪاميابي ماڻي، محرابپور ٽائون ڪاميٽي ۾ به سيد جتوئي اتحاد نه ھلي سگھيو سيد ظفر شاھ جي ماڻھن جتوئي گروپ جي چيئرمين فاروق خان لوڌي خلاف تحريڪ ھلائي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگھي، پ پ پ اڳواڻ ضياالحسن لنجار پ پ پ ايم اين اي سيدابرار شاھ پاران ضلعي ۾ تيزي سان ڪم  ڪرايا ويا آھن، ان جي ڪري سڄو ضلعو پ پ پ ۾ اعلان ڪري رھيو آھي پ پ ايم اين اي سيد ابرار شاھ جو قومي اسيمبلي ۾ ضلعي  نوشھرو فيروز ۾ ٻن غير قانوني  ٽول پلازا  ۽ ٽرينن جا اسٽاپ ختم ٿيڻ، نيشنل ھاءِ وي جي حالت خراب ھجڻ ڪري ڪيل تاريخي تقريرن عوام ۾ اتساھ پيدا ڪيو، عوام سان اليڪشن دوران ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، ضلعي جا سڀ کان وڏا روڊن جا منصوبا پورا ڪرايا آهن، جڏھن ته ڪورونا وائرس جي دوران ٺارو شاھ کان نوشھرو فيروز  روڊ جي وڏي اسڪيم کي پورو ڪرايو، ڪنڊيارو کان لاکا روڊ جو ڪم ھلندڙ آھي، ان کان اڳ محبت ديرو جتوئي کان ھالاڻي وايه باغ بچراهه مھراڻ ھاءِ وي تائين اسڪيم کي مڪمل ڪرايو، ڪوٽڙي ڪبير کان خانواھڻ، ھالاڻي کان خانواھڻ، ھالاڻي کان تنيا بقا شاھه، ھالاڻي، لاکا روڊ ۽ کيانتو مھيسر کان محبت ديرو جتوئي روڊ تائين پير قائم شاھ کان محراب پور روڊ تائين محتيار آباد کان محرابپور روڊ تائين اھڙيون ڪيتريون ئي اسڪيمن جا ٽينڊر اخبارون ۾ اچي ويا آھن، اھڙي طرح ڳوٺن ۾  اسڪولن جون بلڊنگون دسپينسريو ڏنيون آھن ۽ سڄي ۾ ضلعي ۾ ترقياتي ڪم به ھلي رھيا آھن، پ پ پاران ضلعي ۾ نئين قيادت ته آندي آهي، جن ۾ ايم پي اي ممتاز چانڊيو جيڪو ھن وقت ڊويزنل جنرل سيڪريٽري آھي، ان به پنھنجي علائقي ۾ ڪافي ڪم ڪرايا آھن ضلعي جو عام شھري ته پ پ ۾ شموليت ڪري رھيو آھي، درٻيلي جي سياست ھن وقت ٻٽي شھرت سبب نااھل ٿيل سيد احمد علي شاھه سنڀالي رھيو آھي ھن ڪڏھن به پ پ پ خلاف نه ڳالھايو آھي سائين پاڻ به پ پ رستو ٺاھڻ جي ڪوشش ۾ آھي ٻئي پاسي پ پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راچپر به پ پ ۾ واپس وڃڻ جو رستو ڳولي رھيو آھي، ڪنڊيارو مان پ پ جو چونڊيل انتھائي شريف  ايم پي اي سيدسرفراز شاھه جيڪو ٽيون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو آھي هو، پنھنجي شرافت جي ڪري عام ماڻھن جي دلين ۾ رھي ٿو پر جڏھن ڊاڪٽر سيد احمد علي شاھ  پ پ پ ۾ اچي ٿو ته سيد لاءِ پريشاني جو سبب بڻبو ، ضلعي ۾ پ پ ۽ سيد-جتوئي گروپ کان پوءِ جمعيت علما اسلام  ۽ پي ٽي آءِ ضلعي ۾ پنھنجون سياسي سرگرميون ڪري رھيا آھن قومپرست ڌريون ته جي ڊي اي جي مددگار ھونديون آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو