116

مهانگائي جي صورت ۾ بجيٽ جا ظاهر ٿيندڙ اثر ۽ ڏکيو ٿيندڙ جياپو..؟؟

ايڊيٽوريل

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ کان پوءِ ان جا اثر  مهانگائي جي صورت ۾ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن هيٺ گيهه جي في ڪلو اگهه ۾ 15 کان 38 رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي ۽ کنڊ به ويتر مهانگي ٿي وئي آهي. ميڊيا جي رپورٽن مطابق پهرئين درجي وارو گيهه 305 رپين مان وڌي 343 رپيا ۽ ٻئي درجي وارو 270 مان وڌي 285 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته کنڊ جي 50 ڪلو واري ٻوريءَ جو اگهه 4700 رپين مان وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته مهانگائي جي سراسري شرح 14.52سيڪڙو ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ٿي وئي آهي جنهن سان موبائل فون جي اگهن ۾ هزارين رپين تائين جي واڌ ٿي آهي. وفاقي حڪومت طرفان موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ بابت ترميمي ڪسٽم ڪوڊ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن هيٺ 30 ڊالرن تائين جي موبائل فون تي 300 رپيا في سيٽ ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، 30 کان 100 ڊالر جي موبائل فون تي 3 هزار رپيا، 100 کان 200 ڊالرن جي موبائل فون تي 7500 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت 200 کان 350 ڊالرن تائين واري موبائل فون تي 11000 رپيا، 350 کان 500 ڊالرن جي في سيٽ موبائل فون تي 15000 رپيا ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته 500 ڊالرن کان وڌيڪ في سيٽ تي 22000 رپيا ڊيوٽي هوندي. اسان اڳ ئي دانهون ڪري رهيا هئاسين ته موجوده وفاقي سرڪار جا ٻه چهرا آهن، هڪڙو ڏيکارڻ ۽ ٻيو عمل ڪرڻ وارو آهي، بجيٽ دوران عوام انهن ٻن چهرن کي غور سان ڏٺو به ۽ ٻڌو به آهي، پهرئين چهري جي ٻولي اها هئي ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ڪندي، معيشت گل و گلزار ٿي وئي آهي ۽ هاڻ عوام کي ان جو ثمر ملندو، ملڪ ۾ هر شيءِ سستي ٿي ويندي، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو ويندو پر ان چهري جي پس منظر ۾ جيڪو ٻيو چهرو آهي اهو هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ مسلسل مهانگائي وڌائي رهيو  آهي، عام ماڻهو لاءِ پاڪستان ۾ ڪڏهن به بجيٽ پيش ناهي ڪئي وئي، جيڪو مزدور، پورهيت ۽ لوئر مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي اهو موبائل فونن ۽ گاڏين وٺڻ لاءِ ته سوچي به نٿو سگهي، ڇو ته مهانگائي ان حد تائين وڌي وئي آهي جو هو ٻچن جي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، هن کي ان پريشاني مان نڪرڻ ئي نٿو ڏنو وڃي ته هو ٻين معاملن تي ڀلا ڪٿان سوچيندو؟ اسان وٽ المين تي الميو اهو آهي ته غريب جي ڀلائي جا نعرا ڏئي سبز باغ ڏيکاري بعد ۾ ان کي اهڙو ته چوکنڀو ٻڌو ويندو آهي جو هو ڪنهن به پاسي جو ناهي رهندو ۽ سدائين هن ملڪ جو عوام ووٽ ڏئي ماڻهن کي اقتدار تي آڻڻ بعد پنهنجي پاڻ کي ئي لوئيندو ۽ ڏوهي قرار ڏيندو رهندو آهي ۽ سنڌي جي اها چوڻي ورجائيندو رهندو آهي ته ”پنهنجي وڍيي جو نه ويڄ نه طبيب“ پر ڏٺو وڃي ته ٽن سالن ۾ موجوده حڪومت ”عوام سان اهڙي ڪئي آهي جو ٻرڙي به ٻارن سان نه ڪئي هوندي“ اسان هتي عوام جي توسط سان حڪومت کان اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هن ملڪ جي عوام کي ٻڌايو وڃي ته نيٺ اهو ڪهڙو سال هوندو جڏهن مهانگائي گهٽجي ويندي ۽ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿيندو اڃا ته بجيٽ کي مهينو به ناهي گذريو، جيڪڏهن ان جا اثر اهڙا خطرناڪ نڪرندا رهيا ته سال تائين شايد هن ملڪ ۾ ٻي ڪا تبديلي اچي يا نه اچي پر آپگهاتن جو رڪارڊ ضرور قائم ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو