لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ موئن جو دڙو ڀرسان ڏوڪري روڊ تي ڪار جو موٽر سائيڪل ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڪلاس جو شاگرد 14 سالن جو جعفر پٽ ڀلي ڏنو ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران نينگر فوت ٿي ويو. ان موقعي تي فوتي نينگر جي مامي منور ڪلهوڙو الزام لڳايو ته اسان جو علي نواز، شيرل ڪلهوڙو، مجيب ڪلهوڙو، سلطان ڪلهوڙو ۽ ٻين سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جن ڏيڍ سال اڳ اسان جي 40 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪيو ۽ اڄ ڀاڻيجو جعفر نائين ڪلاس جو پرچو ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ڀيڊن جي پل وٽ علي نواز، شيرل ڪلهوڙو، مجيب، سلطان ۽ ٻين سندس رستو روڪي کيس ڄنڳهن ۾ ڪهاڙيون هڻي ڪار جي ٽڪر ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
