169

لاڙڪاڻو: ڏاهاڻي ڪالوني ۾ رولو ڪتي جي چڪ سبب ٻارڙو مرڻينگ، اسپتال داخل

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي شهر جي نئون ديرو روڊ ڏاهاڻي ڪالوني ۾ رولو ڪتي چڪ هڻي 12 سالن جي نينگر رمضان پٽ عبدالستار راهوجو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته رمضان پاڙي ۾ شيمپو کپائي رهيو هو ته اوچتي رولو ڪتي کيس چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو