108

پنهنجي سر زمين کي ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين: وفاقي گهرو وزير

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پنهنجي سر زمين کي ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون. نه اسان پنهنجي سر زمين افغانستان خلاف استعمال ٿيڻ ڏينداسين نه ئي اسان اها اميد رکون ٿا ته اسان جي خلاف ڪنهن جي سر زمين استعمال ٿئي. انڊر-19 ٽيم هڪ دفعو نه پر ٽي دفعا آمريڪا وڃي ڪو به فرق نه ٿو پوي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو. ڪشمير جو ڪيس عمران خان گڏيل قومن سميت سڄي دنيا آڏو اٿاريو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير چونڊ مهم جي سلسلي ۾ راولپنڊي ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. شيخ رشيد چيو ته افغانستان جا ماڻهو جيڪو فيصلو ڪندا اهو اسان کي قبول هوندو، آرمي چيف پاڻ امن لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ويڪسينيشن وارن ماڻهن لاءِ طورخم بارڊر کليل آهي، اسان جي حڪومت ۽پرڏيهي وزارت پڻ ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته جيڪي ماڻهو طورخم بارڊر تي ڦاٿل آهن انهن لاءِ مان خاص طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪورونا وائرس جي وبا جو احتياط ڪندي جن ماڻهن ويڪسينيشن ڪرائي آهي اهي اچي سگهن ٿا جن ويڪسينيشن ناهي ڪرائي ۽ جيڪڏهن انهن جي ٽيسٽ مثبت اچي ٿي ته انهن کي قرنطينيه لاءِ موڪليو ويندو. هن چيو ته ڀارت سان ان وقت تائين ڪا به ڳالهه نه ٿيندي جيستائين هو 5 آگسٽ واري ڪاري قانون کي واپس نٿو وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم مئل گهوڙو آهي، پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير ۾ به عمران خان حڪومت ٺاهيندو. نالا لئي ايڪسپريس وي جي حوالي سان هڪ جواب ۾ هن چيو ته ناله لئي ايڪسپريس منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، پنڊي جي قسمت بدلجي ويندي غريب وسنديون امير ٿي وينديون، ڪجهه ماڻهو متاثرٿيندا، ناله لئه سان هڪ نئون راولپنڊي بڻجندو. هن چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن جو آواز سڄي دنيا ۾ ٻڌو ويندو آهي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ به عمران خان تاريخي ڪردار ادا ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو