115

قومي اداري ۾ خراب ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو: چيئرمين نادرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيئرمين نادرا طارق ملڪ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ نادرا آفيسن جي ڪارڪردگي بهتر ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي، قومي اداري ۾ ناقص ڪارڪردگي، بدعنواني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو. 39 ملازمن کي ايجنٽ مافيا سان ملي ڀڳت ۽ عورتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي، اداري جي بدعنوان عنصرن کي قاعدن ۽ ضابطن مطابق سزا ڏني ويندي. ترجيحي بنيادن تي عورتن کي نوڪريون ڏينداسين ۽ روزگار جي فراهمي ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ريجنل هيڊ آفيس ۽ مختلف نادرا آفيسن جي هنگامي دوران ۽ نادرا ملازمن سان ڳالهائيندي ڪيو. جاري ڪيل پريس رليز مطابق طارق ملڪ ڪراچي ۾ نادرا آفيسن جي ڪارڪردگي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ نون قدمن جو جائزو ورتو ۽ نادرا آفيسن تي اوچتو دوري دوران صارفين جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن کي موقعي تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.هن چيو ته اداري جي محدود وسيلن باوجود ملازمن جي بنا ڪنهن فرق جي پگهار وڌائي ملازمن جي بهترين مفادن کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو