121

نوجوانن ۾ 15 ارب رپين جي ورهاست جو عمل مڪمل ٿي ويو: عثمان ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قرضن جي ورهاست وڌيڪ تيز ڪئي وئي جڏهن ته منصوبي تحت نوجوانن ۾ 15 ارب رپين جي ورهاست جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. حڪومت 13 هزار 200 نوجوانن کي ذاتي روزگار فراهم ڪري ورتو جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار عثمان ڊار معاون بئنڪن کي مبارڪباد ڏني آهي. عثمان ڊار هڪ نوجوان جي ڪهاڻي پڻ ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي آهي، اٽڪ جي رهائشي سجاد الرحمان به قرض حاصل ڪري پنهنجو روزگار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. عثمان ڊار سجاد الرحمان کي ڪامياب ڪاروبار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 13 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي ذاتي روزگار جي فراهمي اهم سنگ ميل آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ماڻهو سڌي ريت حڪومتي منصوبي مان فائدو کڻي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو