111

سيشن عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانتن ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت العربيه ۽ رمضان شگر ملز ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف ايف آءِ اي طرفان ناروا سلوڪ جي شڪايت ڪئي. عدالت جاچ آفيسر کي شهباز شريف کي حراسان ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ڇنڇر ڏينهن ايڊيشنل سيشن جج سيد علي عباس جي عدالت ۾ پيش ٿيا. جاچ آفيسر طرفان مني لانڊرنگ، شگر ملز ڪيس جي اڻ پوري رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو