123

ٿرپارڪر: 25 ورهين جي شادي شده عورت ٻن ٻارڻن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ 25 ورهين جي شادي شده عورت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ورتو. ٿرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي ۾ شادي شده  25 ورهين جي امرو ڪولهڻ جو  لاش گهر ۾ لٽڪيل حالت ۾ هٿ آيو. عورت ٻن ٻارن جي ماءُ هئي ۽ ان جو مڙس چمن ڪولهي ٻه سال پهرين آپگهات ڪري ورتو هو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو. جتي پوسٽ مارٽم بعد پوليس لاش ورثن جي حوالي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو