124

تاجڪستان ۾ 5.9 شدت جو زلزلو، 5 ڄڻا فوت، ڪيتريون عماريون تباه

دوشنبه (ويب ڊيسڪ) اوڀر تاجڪستان ۾ 5.9 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته مقامي وقت مطابق ڇنڇر جي صبح 7 لڳي 14 منٽ تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪيترين عمارين جي ديوارن ۾ ڏاڙ پهجي ويا ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پيا جنهن جي ملبي هيٺ اچي 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، ضلعي تاجڪ آباد ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٽن ڳوٺن جي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي  وئي. زلزلي جو مرڪز دوشنبه کان 165 ڪلوميٽر  پري ڏکڻ اولهندي طرف 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو.  تاجڪ صدر زلزلي جي نقصان جي تحقيقات لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. افغانستان کان متصل ترڪمانستان جي سرحدي علائقن ۾ اڪثر زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو