ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ڪراچي جي ترقي سان واڳيل آهي، ڪراچي جي رهواسين جي خراب حالت کي وڌيڪ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي شهر جي بنيادي ڍانچي سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪورونا جي نئين لهر جي ڪري ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي، خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ايم اين اي آفتاب صديقي شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي بچت ۽ محتاط استعمال جي ضرورت آهي، افسوس آهي جو ماضي ۾ پاڻي جي بچت جي لاءِ ڪراچي ۾ ڪو منصوبو نه جوڙيو ويو. سنڌ جي گورنر صدر کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، سيوريج، ٺوس ڪچري جي انتظام، چرپر بابت مسئلن ۽ وفاقي حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جون واضح علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ وائرس جي ڀارتي قسم جي ڪري ڪورونا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي. ان موقعي تي صدر چيو ته عوام جلد کان جلد پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچاءُ جا حفاظتي ٽڪا لڳرائي، عوام وائرس جي ڦهلاءُ جي روڪٿام جي لاءِ اين سي او سي جي هدايتن تي عمل ڪري. هن چيو ته موثر فيصلاسازي سان پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنگين صورتحال کان محفوظ رهيو.
