97

پاڪستان جو طالبان سان رابطي جو فيصلو، افغان پرڏيهي وزير کي اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

ملتان / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان واري معاملي کي امن ڀريي نموني سان نبيرڻ لاءِ طالبان سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ افغان پرڏيهي وزير کي پڻ اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان طالبان جي سينيئر قيادت سان رابطو ڪنداسين ۽ افغان پرڏيهي وزير کي به دعوت ڏني آهي ان جا به منتظر آهيون. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جو مسئلو طاقت سان حل نه ٿو ڪري سگهجي، اسين چاهيون ٿا ته اتي گهرو ويڙهه نه ٿئي ۽ حالتون خراب نه ٿين. هن وڌيڪ چيو ته افغان معاملي جي نبيري لاءِ تاجڪستان وڃان پيو، ڇو ته افغانستان جي خراب حالتن سان اهو پڻ گهڻو متاثر ٿيندو. اتان کان ازبڪستان به ويندس جتي وزيراعظم پڻ ايندو. اسان افغان معاملي تي خطي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرس سان مشاورت ڪريون پيا. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي افغان پناهگيرن جو وڌيڪ بار کڻڻ جي سگهه نه رهي آهي، ڪوشش آهي ته کين افغانستان ۾ ترسايو وڃي. ٻي پاسي وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت مشير معيد يوسف چيو آهي ته افغانستان ۾ هن وقت طالبان جو گهڻو اثر رسوخ آهي پر اهي حڪومت ٺاهڻ جي موڊ ۾ نه آهن. هن چيو ته پاڪستان جا مفاد افغانستان سان واڳيل آهن ۽ پاڪستان کي ان کي پري نه ٿو رکي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو