103

ملڪ ۾ڪورونا سبب 35 ڄڻا فوت،1828 نوان ڪيس،وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا سبب 35 ڄڻا فوت،1828 نوان ڪيس،وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار. رپورٽ موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 3.79 سيڪڙو تائين پهتي،ڪراچي ۾به شرح 11.43 سيڪڙو تائين پهتل آهي، ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 11.43 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هوڏانهن پنجاب حڪومت ڪورونا ايس او پيز پابندين جو هفتو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشدي چيو آهي ته عيد جي موقعي تي لاپرواهي سبب ڪورونا وائرس جو خطرو آهي، ان ڪري 9 کان 18 جولاءِ تائين ڪورونا ايس او پيز جو هفتو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي طرف بلوچستان حڪومت 31 جولاءِ تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت ڪاروباري مرڪز رات جو 10 و ڳي بند ٿيندا، جڏهن ته جمعي جي ڏينهنمڪمل لاڪ ڊائون هوندو. هوڏانهن سنڌ ۾ وڌيڪ 16 مريض فوت، 1091 ڄڻن کي وائرس جي تصديق،ڪراچي ۾834 ۽ سکر ۾ 33 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾29،ٺٽي ۾25،ميرپورخاص ۾20، شهيد بينظيرآباد  ۾ 19،بدين ۾17 ۽ ٿرپارڪر ۾14،ڄامشوري ۾12، دادو ۾ 11، سجاول ۾9، مٽياري ۾6، عمر ڪوٽ ۾7، ٽنڊو الهيار ۾5، سانگهڙ ۾ 2، ڪشمور ۾2، لاڙڪاڻي ۾2، نوشهروفيروز ۾هڪ، شڪارپور ۾ هڪ  ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو