98

صالح پٽ ڀرسان نارا ڪئنال جي ڪپر تان نينگري کي واڳون ڳڙڪائي ويو

صالح پٽ (ويب ڊيسڪ) صالح پٽ ڀرسان نارا ڪئنال جي ڪپر تان نينگري کي واڳون ڳڙڪائي ويو، ان سلسلي ۾ آر ڊي 115 وٽان ڳوٺ سوڀارو مهر ۾ چئن ورهين جي سعيده خاتون کي ماءُ وهنجاري رهي هئي ته واڳون معصوم ٻارڙي کي ماءُ جي هٿن مان چڪ پائي پاڻي ۾ گهلي ويو، دانهن تي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا پڻ پهچي ويا، گهڻي ڳولا باوجود واڳون ۽ نينگري جو پتو نه پيو، هوڏانهن ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته  بالا آفيسرن کي ترت اطلاع ڏنو پر هن وقت تائين ڪو به ناهي پيو، هنن چيو ته عملدار رڳو ٺلها دلاسا ڏئي رهيا آهن، وائلڊ لائيف بدران مدد ڪرڻ بدران ڌمڪيون پيا ڏين ته جيڪڏهن واڳون کي ڪجهه به ٿيو ته اوهان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. هنن چيو ته اسان جي سرڪاري سطح تي واهر ڪري لائونچن جي مدد سان نينگري جو لاش ڳولي ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو