129

شهباز شريف جو ايف آءِ اي جي عملدارن تي بداخلاقي ۽ ٺٺول ذريعي تنگ ڪرڻ جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي عدالت ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير  شهباز شريف شهباز شريف ايف آءِ اي جي عملدارن تي بداخلاقي ۽ ٺٺول ذريعي تنگ ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، جنهن تي عدالت  ايف آءِ اي ٽيم کي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز کي تنگ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڇنڇر ڏينهن سيشن عدالت ۾ کنڊ جي واپار ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ ڪچي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پيش ٿيا. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪچي ضمانت ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر بيان ڏنو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کان جانچ مڪمل نه ڪئي آهي. کيس جانچ ۾ ٻيهر شامل نه ٿيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه نيب جي ڪيسز ۾ پيش ٿي رهيا آهن ان لاءِ ايف آءِ اي جي ٻيهر جانچ ۾ پيش نه ٿيا. شهباز شريف ايف آءِ اي جانچ ٽيم تي کيس تنگ ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو  ته مون شوگرملز ۾ پنهنجي ڪٽنب جو اربين روپين جو نقصان ڪيو. مون بيواهن ۽ پنجاب جي غريب عوام جي خدمت ڪئي. مون پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي عوام کي سستي کنڊ ڏني. شهباز شريف چيو ته منهنجي خلاف نيب  جن ڪيسزن جي جانچ ڪئي اهي ساڳيا کيس هاڻ ايف آءِ اي کي ڏنا ويا. مون تي اڄ الزام لڳايا پيا وڃن ته مون منصوبن ۾ ڪميشن کاڌي آهي. آئون ايف آءِ اي کي جواب ڏئي چڪو آهيان. مون سان ايف آءِ اي ۾ بداخلاقي ڪئي وئي. ايف آءِ اي جي ماڻهن مون سان بداخلاقي ڪئي. مون کان جڏهن برداشت نه ٿيو ته مون اٿي بيهي چيو ته اوهان ايئن ڇو ڪري رهيا آهيو؟ پر ان باوجود ايف آءِ اي جا آفيسر وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي مون سان چٿرون ڪندا رهيا.  شهباز شريف جي اهڙي شڪايت تي عدالت ايف آءِ اي ٽيم کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي تنگ ڪرڻ کان روڪي  ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو