راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڀلي هڪ نه پر ٽي ڀيرا آمريڪا وڃي،عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪندو، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي،اهي هاڻي ڪجهه نه ڪري سگهندا،آزاد ڪشمير چوندن کانپوءِ اپوزيشن ۽ حڪومت جا لاڳاپا صحيح ٿي ويندا، عمران خان سان گڏ پاڻ به ڪشمير ۾مهم تي ويندس،انشاءَالله حڪومت وزيراعظم ئي ٺاهيندو،عوام اسان سان گڏ آهي، افغانستان جا ماڻهو جيڪو فيصلو ڪندا،اهو اقبول هوندو،اسان هتي امن جا خواهشمند آهيون،پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته پاڪستان شروع کان وٺي افغانستان ۾امن جي خواهشمند آهي،چاهيون ٿا ته خراب صورتحال جا خطي ۽ پاڙيسري ملڪن تي اثر نه پون.
128