ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه شادي جي دعويٰ کي ثابت نه ڪري سگهي،نئين وڊيوز ۾ سياستدانن تي الزام ثابت نه ڪري سگهي آهي، خانگي ٽي وي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ اسٽار 4 جولاءِ تي هني مون لاءِ ترڪي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته 5 جولاءِ تي ترڪي جي لوڪيشن استعمال ڪندي 2 وڊيوز شيئر ڪيا، 9 جولاءِ تي انسٽاگرام تي 2 مختصر وڊيوز شيئر ڪري سياستدانن تي الزام هنيو هو. جن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر فياض الحسين چوهاڻ، ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ فاروق ستار شامل آهي. هن الزام هڻندي چيو ته فاروق ستار ۽ فياض چوهاڻ جي گهروارين کي جلد انهن جا ڪرتوت ٻڌائيندس. اهي عوام آڏو پنهنجي صادق ۽ امين هجڻ جا دليل ڏئي رهيا آهن.
