115

عمران خان جهڙو ڊڄڻو ڪشميرين جو اڳواڻ نٿو ٿي سگهي: مريم نواز

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو چونڊ نشان ڪشمير وڪرو ڪندڙ، کنڊ چور ۽ مهانگو اٽو هجڻ گهرجي. ڪشميرين جو اڳواڻ هن جهڙو ڊڄڻو انسان نٿو ٿي سگهي. شارده آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز وڌيڪ چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز ڪشميري آهن. هتي هر شخص مون کي نوازشريف نظر اچي رهيو آهي. نوازشريف هر ماڻهو جي دل ۾ رهندو آهي. ڪشميرين جو اڳواڻ ۽ سپه سالار اهوئي ٿي سگهي  ٿو ڪشمير جو مسئلو نوازشريف جي اڳواڻي ۾ ئي حل ٿيندو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته سليڪٽڊ جي نه گهر ۾ عزت آهي ۽ نه ئي ٻاهر. نوازشريف چيو هو ته عمران خان جهڙي سوغات کي جتان کان آندو آهي اتي واپس کڻي وڃو. جيڪو سليڪٽرز سان ملي اقتدار ۾ آيو هجي ان کي آزادي جي ڪهڙي خبر. آر ٽي ايس ويهاري ووٽ چوري ڪندڙ کي آزادي جي اهميت جي ڪهڙي خبر.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو