111

ڇا ڪشمور ضلعي ۾ مُستقل امن وارو خُواب ساڀيان ٿيندو؟

ليکڪ: نور خان بکراڻي

سنڌ جي عوام کي درپيش اھم مسئلن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته امن امان هتي جو سنگين مسئلو رھيو آھي. وڏن شھرن کان وٺي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ ڦر، اغوائون، ڪاروڪاري جي نالي تي قتل ۽ ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار بد امني جا مُک ڪارڻ آهن، ڪشمور جيڪو سنڌ صوبي جو آخري ضلعو آهي، جنھن جون حدون بلوچستان ۽ پنجاب صوبن سان ملن ٿيون اتي حالتون ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ بنھه مختلف آھن، پاڻ جيڪڏهن ضلعي ڪشمور جي عوام جي مسئلن کي ڇڏي رڳو امن امان جي صورتحال تي بحث ڪريون ته معلوم ٿيندو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھتي بدامني جو راڄ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڏوھاري ماڻھو ايترا ته طاقتور آهن جو انهن آڏوسڀ بيوس ۽ لاچار نظر اچن ٿا، ڪشمور ضلعي ۾ روز بيگناهه انسانن جي ناحق قتل جون خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿين ٿيون، پر انھن ڪارواين کي روڪڻ لاءِ مضبوط پلاننگ يا حڪمت عملي نظر نه پئي اچي. ڪجهھ وقت پھريان جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادرين جي ھٿياربندن ھٿان چاچڙ قبيلي جي 9 ماڻھن جو ناحق خون ڪرڻ تي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويوهو پر انتظاميا اڄ ڏينهن تائين مظلومن کي انصاف ڏيارڻ خاطر مقتولن جو ڪو به قاتل قانون جي پڪڙ ۾ آڻي نه سگهي آهي. ڪجهھ ھفتن جي اندر ڪشمور ضلعي اندر بد امني ۽ قتل جي واقعن ۾ تمام تيزي اچي وئي، جنھن سبب ضلعي جي عوام ۾ خوف، حراس ۽ ڏاڍي مايوسي پکڙيل آهي، مھيني اندر ھڪ سپاھي سجاد خاصخيلي سميت 5 بيگناهه انسانن جا قتل ٿي چڪا آهن جنھن ۾ 2 پشتون نوجوانن جو قتل به شامل آهي ۽ ھڪ ملڪ نوجوان محمد عثمان کي پنھنجي ئي ڳوٺ جيئو خان ملڪ ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن بيدرديءَ سان گوليون هڻي شهيد ڪيو آھي، اڃان شھيدن جو خون انصاف جو منتظر هو ته  ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪچي واري علائقي ۾ جاگيراڻي قبيلي جي گروپ سان تعلق رکندڙ ھٿياربندن چاچڙ قبيلي جي 3 ماڻھن کي قبيلائي تڪرار سبب قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻن ماڻهن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ھن دھشتگردي ۽ بدامنيءَ جي لھر ۾ بيگناهه ماڻهن جو ناحق خون انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيو آهي ته ساڳئي وقت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي به سوال  اٿي رهيا آهن، ضلعي ۾ ڏوھاري گروھن جي گرفت مضبوط ۽ پوليس جي عملداري ڪمزور نظر اچي رھي آھي، ڌاڙيل توڙي ڏوھاري آزاديءَ سان ڪاروايون ڪري اھو باور ڪرائي رھيا آھن ته اسين طاقتور آهيون، افسوس جو ھتان جا بااثر ماڻهو به خاموش آھن، سندن امن امان کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪردار شروع کان وٺي مُبھم ۽ سواليه نشان بڻيل آهي. قبيلائي تڪرارن جي روڪٿام لاءِ حڪومتي توڙي علائقائي سطح تي باقائده ڪڏھن به سنجيده ڪوششون ورتيون نه ويون آهن، نتيجي طور ضلعي ۾ قبيلائي جهيڙن جي باھ وڌي وڏو آڙاھ ٿي ڀڙڪي رهي آهي، جنهن تي ترت ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته  سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين پنھنجا محفوظ ٺڪاڻا قائم ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي جديد خطرناڪ ھٿيارن سان پناھگاھن ۾ آرام سان ويٺل آهن،  ائين ناهي ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، يقيني طور تي پوليس به ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ روزانو ڪڏهن ڏوهاري پڪڙجن ٿا ته ڪڏهن مارجن ٿا، اصل ۽ طاقتور ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين تائين پوليس جي پهچ ڏکي بڻيل آهي، پوليس وٽ وسيلن جي پڻ کوٽ آهي، ان وٽ اهي جديد هٿيار پڻ ناهن جهڙا ڏوهارين وٽ آهن، جيستائين اهلڪارن کي گهربل سهولتون ۽ وسيلا نه ملندا ته يقيني طور تي انهن لاءِ ڪارروائي ڪرڻ ڏکي ثابت ٿيندي، ان باوجود به سنڌ پوليس جا جوان سينا سپر ڪري ڏوهارين خلاف ميدان تي لهن ٿا ۽ پنهنجون شهادتون پڻ ڏين ٿا، آئون سمجهان ٿو ته پوليس جي اعليٰ ڪمانڊ ۽ سولين حڪومت جي اھا اھم ذميواري بڻجي ٿي ته اھا ھر شھري جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ته پوليس کي ڀرپور وسيلا ۽ طاقت فراهم ڪري ۽ ٻيو ته پوليس کاتي اندر موجود ڪارين رڍن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي ڳولا ڪئي وڃي جيڪي گهر کي باهه لڳائي رهيا آهن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن بنا ڪنهن دٻاءُ ۽ فرق جي ڪيو وڃي، پوليس کي سخت هدايتون ڏنيون وڃن ته امن امان خراب ڪندڙ ڏوهاري عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن سميت اڪسائيندڙن کي به ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن ڪلين اپ نه رڳو جاري رکيو وڃي پر ان ۾ ٻيون فورسز به شامل ڪيون وڃن جيئن امن امان جي بگڙيل صورتحال کي جلد کان جلد بحال ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو