87

اڄ جي دؤر ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ

ليکڪ: سائرا وساڻ

جڏھن سماج ٻن طبقن ۾ ورھائجي ويندو آھي، تڏھن طاقتور، سرمائي  دار ڌريون غريبن مسڪينن اٻوجھن لاءِ قيامت کان گھٽ ناھن ھونديون، سماج ھن وقت ٻن حصن ۾ ورھايل آھي، مزدو پيدا وار ۾ عملي طور پنھنجو پورھيو شامل ڪندا آھن، سرمائيدار، جاگيردار، پيداوار لاءِ ڪو به پورھيو ناھن ڪندا آھن پر ٻين جي پگھر جي پورھئي جو وڏو حصوسندن قبضي ۾ اچي وڃي ٿو، جيئن ھندستان ۾ ڏيھي راجا وغيرهه يا وچولي دؤر جا ھنرمند جيڪي اڳتي ھلي سرمائيدار بڻجي ويا، انگلستان ۾ سرمائيداري نظام جي واڌ ويجهھ لاءِ ڪرموبل جي انقلاب 1689ع رستو ھموار ڪيو، اھو ئي ڪم  فرانس ۾ اتان جي 1789ع واري انقلاب ڪيو، مارڪس اسان کي ٻڌائي ٿو ته معاشرتي ترقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجھڻ لائق ڳالهھ  طبقاتي قوتون ڪنھن انقلاب لاءِ ڄڻ ته انجڻ جي حيثيت رکنديون آھن ۽ نوان پيداواري طريقا رائج ڪنديون آھن، 1848ع ۾ يورپ جي اڪثر ملڪن اندر انقلاب جي لھر اڀري رھي ھئي، انھن سڀني ملڪن اندر جنم وٺندڙ طبقاتي تحريڪن جي اڀار ۾ ڪيتريون ئي ھڪجھڙايون ھيون، انھن انقلابن جون عام خاصيتون يا قانون ڪھڙا ھئا؟ پھرين ڳالهھ ته اھا انقلابي تحريڪ اھو طبقو اڀاريندو آھي، جيڪو نئين پيداواري طريقي جي قائم ٿيڻ ۾ مددگار ھوندو آھي، پر اھڙي اٿل پٿل ۾ رڳو اھو طبقو ئي شامل نه ھوندو آھي. مثال طور 1789ع واري مشھور فرينچ انقلاب ۾ رڳو اڀرندڙ سرمائيدار طبقي حصو نه ورتو ھو، پر انھي جي ڪاميابي پويان آبادگار، ننڍا واپاري،  ھنرمند ۽ ٻيا پورھيت به شامل ھئا، جيڪي اڳتي ھلي صنعتي مزور بڻيا، انھن مڙني طبقن جا مفاد ھڪجھڙا نه ھئا، پر اھي سڀ ھڪڙي ڳالهھ تي متفق ھئا ته جيڪڏھن پراڻو نظام ڊاٿو نه ويو ته ظلم ۽ ڏاڍُ ڏھڪاءُ مان جند نه ڇٽندي ۽ نه وري مصيبتن مان آجا ٿي سگھندا، جڏھن يورپ جي ٻين حصن ۾ انقلاب آيا ته ھر ملڪ مان بادشاھتن جي تڏا ويڙھه ٿي وئي، لڳ ڀڳ سمورن ملڪن جو عوام پنھنجن پراڻن حاڪمن خلاف متحد ھو ۽ سرمائيدار طبقي سندن سرواڻي ٿي ڪئي، اھو اتحاد مختلف شڪليون اختيار ڪري چڪو ھو پورھيت طبقو ھڪ پاسي پنھنجي جائيداد لاءِ بادشاھن خلاف ويڙھه ويڙھي رھيو ھو ته ٻئي پاسي ان نون سرمائيدار طبقن کان پنھنجا حق به ٿي گھريا ۽ سرمائيدار سندن مطالبا مڃڻ لاءِ  تيار نه ھئا ڪيترن ھنڌن تي جڏھن مزدور روايتي انداز ۾ پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ  آواز ٿي اٿاريو ته اتان جي سرمائيدارن ماضي جي رجعت پسند ڌرين کي مزدور جي خلاف استعمال ٿي ڪيو، اھڙي قسم جا واقعا ڪراموبل جي زماني ۾ به ٿيا ۽ پوءِ فرانس جي 1848ع واري انقلاب ۾ به پيش آيا. جون 1848ع ۾ فرانس جي مزدورن ڪوشش ڪئي ته ھنن جيڪو انقلاب آندو ھو ۽ انھن پنھنجا حق مڃرايا ھئا تن جي حفاظت به پاڻ ڪن، پر نئين سرمائيدار حڪومت جيڪا فيبروري مھيني ۾ قائم ٿي چڪي ھئي تنھن پورھيتن اھڙي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مارڪس انھي زماني ۾ سمجھي چڪو ھو ته فرانس جو مزدور طبقو ان حد تائين وڌيڪ شعور جو مالڪ ٿي چڪو ھو جو ھاڻي اھو سرمائيدارن جو پوئلڳ ڪڏھن به ڪون بڻجندو ۽ ايندڙ وقتن ۾ پورھيتن جي انقلاب جي مھنداري ۽ سالاري فرانس جو مزدور ئي ڪندو. سچ پچ 1871ع ۾ ئي اھو واقعو پيش آيو ھنن نج مزدورن جي حڪومت قائم ڪئي ۽ اھا حڪومت 10 ھفتا قائم رھي، انساني تاريخ تي اڻ مٽ نشان قائم ڪيا، پر استحصالي طبقا حڪمراني ۾ به اڪيلا ڪو نه ھئا پورھيت ان حڪومت جي سامھون سينو ساھيون بيٺا ھئا جيڪي گڏجي فرانس جي عوام کي ڦري لٽي پاڻ دولتمند بڻجي رھيا ھئا ٻئي پاسي پورھيتن  سان گڏ وري ننڍا دڪاندار ھئا، جيڪي سرمائيداراڻي دؤر جي ابتدائي زماني ۾ئي ڦر جي ڀينگا ٿي چڪا ھئا، ٻين طبقن جا باشعور؛ روشن خيال ۽ محب وطن ماڻھون پڻ سندن ٻانھن ٻيلي بڻيل ھئا، جيڪي سرمائيدارن جي فيصلن تي سخت ناراض ھئا خاص طور حڪمرانن جرمن حڪومت سان جيڪو شرمناڪ شرطن تي ٺاھه ڪيو ھو ان تي سڄي ملڪ جو عوام حڪمرانن جو مخالف ٿي چڪو ھئو پر مزدورن طرفان جيڪا وڏي غلطي ٿي اھا ھئي ھارين کي پاڻ سان نه ملائڻ واري غلطي ھتي ھڪ ٻي ڳالهھ ياد رکڻ گھرجي ته اھوانقلاب جيڪو حڪمران طبقن خلاف  برپا ٿيندو آھي، اھو رڳو انھن طبقن  تائين محدود نٿو رھي سگھي جن انقلاب جي اڳواڻي ٿي ڪئي، پر اھو مڙني طبقن جو انقلاب ھوندو آھي، جيڪي انھن حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان بيزا ٿي چڪا ھوندا آھن، ارتقا جي ھڪ خاص مرحلي تائين جاگيردارن جي حاڪميت ۽ جاگيرداريءَ خلاف انقلاب جي مھنداري سرمائيدار طبقي ٿي ڪئي پر اڳتي ھلي جڏھن پورھيت طبقا ترقي ڪري پاڻ وھيڻا بڻجي ويا ته انھن جدوجھد ۾ حصو وٺندڙ مختلف طبقن کي گڏ ڪري مھنداري جون واڳون پنھنجن ھٿن ۾ ڪري ورتيون، ائين چوڻ بجاءِ ٿيندو ته تاريخ اسان کي اھو سبق ڏنو آھي ته انقلاب ۾ گھڻا گروھه ۽ طبقا گڏيل دشمن خلاف مڙي مٺ ٿي ويندا آھن، رڳو نئين ڳالهھ اھا ٿي ته زميندارن ۽ جاگيدارن خلاف انقلاب جي سرواڻي ھاڻي پورھيت طبقو ڪندو آھي، اھڙي انقلاب جي سرواڻي ھاڻي پورھيت طبقو ڪندو آھي اھڙي انقلاب برپا ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ طبقي کي ھٽائي ٻيو طبقو اقتدار جون واڳون سنڀالي وٺندو آھي ۽ ان ئي طبقي جي رھنمائي ۾ نئون پيداواري يا معاشي نظام رائج ٿيندو آھي ان عمل سان طبقاتي ڇڪتاڻ ويتر ھڪ وک اڳتي  وڌي جنھن سان سندن طاقت ۾ واڌارو ايندو آھي گڏو گڏ منجھن پنھنجي طاقت جو احساس به وڌنڌو آھي. مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو اھڙي سياسي جماعت جي جڙڻ بابت مارڪس لکيو آھي ته اھا انقلاب جي تياري آھي اھوئي اھڃاڻ آھي جنھن لاءِ چئي سگھجي ٿو ته سرمائيدار حڪمران طبقي جو تختو اونڌو ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ ھڪ نئون نظام والاريندو آھي، جنھن لاءِ اھو نھايت ضروري آھي ته پورھيت طبقن جا سمورا ادارا ترقي ڪن خاص طورتي مزدورن جو انجمنون ڇو ته انھي سان پورھيتن جي طاقت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ کين پنھنجي طاقت جو احساس ٿئي ٿو ان لاءِ اھو پڻ نھايت ضروري آھي ته جتي به مزدور پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ جدوجھد ڪن خاص طور اجورو وڌائڻ ۽ ڪم جو وقت گھٽائڻ لاءِ  ته سندن ٻانھن ٻيلي ٿي بيھجي اھڙين ننڍين ننڍين جدوجھدن ۾ مزدور ڪامياب ٿيندا آھن ۽ سندن مطالبا مڃا ويندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو