ليکڪ: سمير هاشمي
دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏن ملڪن متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تيل جي پيداوار جي ڪوٽا تي ڇڪتاڻ سبب انهن وچ ۾ ڳالهين ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان جو اثر تيل جي سمورين وڏين منڊين تي پيو، جيڪي ڳالهيون رڪجڻ جي ڪري پريشان آهن ۽ ان جي ڪري تيل جون قيمتون 6 سالن جي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، پيٽروليم ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس کي جنهن ۾ روس جهڙا ملڪ به شامل آهن پنهنجي ڳالهين کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻو پيو، جنهن کانپوءِ ان گروپ جي اتحاد بابت خدشا پيدا ٿي ويا آهن، اهو مسئلو گذريل هفتي ان وقت شروع ٿيو، جڏهن عرب امارات اوپيڪ پلس جي اڳواڻن سعودي عرب ۽ روس جي ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن چيو هو ته تيل جي پيداوار بابت پابنديءَ کي وڌيڪ 8 مهينن تائين برقرار رکڻ گهرجي. پر متحده عرب امارات تيل جي پيداوار جي پنهنجي موجوده بيس لائن تي ٻيهر ڳالهه ڪرڻ نٿو چاهي، متحده عرب امارات چيو آهي ته ان کي ٿورڙو وڌيڪ تيل پيدا ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ روس ان جي خلاف هئا. ڳالهين ان وقت هڪ عجيب موڙ ورتو، جڏهن متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب جي توانائي وارا وزير جيڪي هڪٻئي جي انتهائي ويجهو سمجهيا وڃن ٿا، ان معاملي تي اختلافن بابت کلي ڳالهائڻ شروع ڪيو، واشنگٽن ۾ قائم اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل سينٽر جي سينيئر محقق بين ڪيهل مطابق اهو ٽڪراءَ حيرت انگيز هو پر شايد اها ڇڪتاڻ اڻٽر پڻ هئي. هن جو چوڻ آهي ته ابوظهبي جي اوپيڪ ڪوٽا ان جي تيل جي پيداواري صلاحيت جي عين مطابق نه آهي، گڏيل عرب امارتن تيل جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ لاءِ انتهائي گهڻي رقم خرچ ڪئي آهي ۽ هاڻ طلب به وڌي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو يو اي اي تيل جي پيداوار ۾ واڌ جي حمايت نه ملڻ تي مايوس آهي. ڪيترن ئي سالن کان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن وچ ۾ ڀائيواري عرب دنيا جي جاگرافيائي سياست کي هڪ نئين شڪل ڏني آهي، سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزادي محمد بن زيد جي ذاتي لاڳاپن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان اتحاد کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي ولي عهدن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ حقيقت پسند حڪمرانن جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي ملڪ لاءِ عزم ۽ بلند نظريو رکن ٿا. ڪيترن ئي سالن کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ معاملن تي گهرو تعاون رهيو، انهن يمن ۾ ايران جي حامي حوثي باغين خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ 2015ع ۾ هڪ عرب فوجي اتحاد ٺاهيو هو ۽ 2017ع ۾ قطر مٿان سفارتي، واپاري ۽ سفري پابنديون به مڙهيون هيون پر 2 سال اڳ ان وقت سندن لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ظاهر ٿيڻ لڳي جڏهن متحده عرب امارات يمن مان پنهنجي گهڻي فوج واپس گهرائي ورتي، سعودي عرب ان قدم مان ناخوش هو، جنوري ۾ يو اي اي قطر تي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ سعودي جي قيادت ۾ ٿيل ٺاهه تي وڏي بيدلي سان اتفاق ڪيو هو پر ان کي دوحا تي اڃا به اعتماد نه آهي. اهڙي طرح گذريل سال اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ واري عرب امارات جي فيصلي سان وري سعودي عرب خوش نه هو. فيبروري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوريون ان وقت وڌيڪ وڌندي نظر آيون، جڏهن سعودي عرب گهڻ قومي ڪمپنين کي 2024ع تائين پنهنجي آفيس سعودي عرب منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهو به ته جيڪا ڪمپني ائين نه ڪندي ان کي سرڪاري ٺيڪا نه ملندا. ان کي خليجي ملڪن ۾ واپار جو مرڪز سمجهيو ويندڙ دبئي تي سڌي ريت حملو سمجهيو ويو، ان وقت عرب امارتن اوپيڪ ۾ هڪ اهڙي ٺاهه جي مخالفت ڪئي هئي جنهن تي سعودي عرب راضي هو، ان جي ڪري سعودي عرب گڏيل عرب امارتن لاءِ پنهنجون اڏامون به معطل ڪري ڇڏيون هيون، جيتوڻيڪ اڏامون معطل ڪرڻ جو سبب ڪورونا وائرس جي وبا کي قرار ڏنو ويو هو، پر اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن گهڻا ماڻهو موڪلن لاءِ دبئي جو رخ ڪندا آهن. سعودي عرب اهو به اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي ترجيحي ٽيرف معاهدي ذريعي اسرائيل سان لاڳاپا رکندڙ فري زون يا ٻين خليجي ملڪن مان سامان جي آمد روڪي ڇڏيندو، ان قدم سان متحده عرب امارات جي معيشت کي ڌچڪو لڳو، ڇو ته اتي جي پوري معيشت فري زون ماڊل جي چوڌاري گهمي ٿي، اوپيڪ ۾ ٻنهي ملڪن جو ٽڪراءُ ٻنهي جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي دشمني کي ظاهر ڪري ٿو، ٻئي ملڪ پيٽروليم مصنوعات جي برآمد تي ڀاڙڻ گهٽائي ان کي گهڻ رخو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، محمد سلمان جي سربراهي ۾ سعودي عرب اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ جارحاڻي معاشي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، هاڻ هو سياحت، فنانشنل سروسز ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ ٻين خليجي ملڪن سان مقابلو ڪري رهيو آهي. لنڊن جي چيٽم هائوس ۾ ايسوسيئيٽ فيلو نيل ڪيو يئليم جو چوڻ آهي ته سعودي عرب خليجي ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ اهو هاڻي جاڳي رهيو آهي ۽ اهو ڪنهن حد تائين گڏيل عرب امارتن لاءِ ڳڻتي وارو آهي، 15 کان 20 سالن ۾ جيڪڏهن متحرڪ معيشت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ته اهو امارات جي معاشي ماڊل لاءِ خطرو هوندو، اهو اڃا تائين واضح نه آهي ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات اوپيڪ جي هڪ نئين ٺاهه تي اتفاق ڪندا يا نه پر شاهي خاندان جي ويجهي سعودي تجزيي نگار علي شهابيءَ کي نٿو لڳي ته ان تڪرار سان انهن جا لاڳاپا گهڻي عرصي تائين متاثر ٿيندا، جيتوڻيڪ متحده عرب امارات جو سخت موقف سعودي عرب لاءِ هڪ ڌچڪي کان گهٽ نه آهي. سندس چوڻ آهي ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان کان به وڏا اختلاف ٿي چڪا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا سميت سمورن ملڪن جي لاڳاپن ۾ به لاها چاڙها اچن ٿا، پر ان رشتي جو بنيادي اصول ان اتحاد کي عارضي نقصان پهچائڻ جي مقابلي ۾ انتهائي مضبوط آهي.