100

حج جون فضيلتون ۽ فضائلِ…!!!

ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو قادري

اسلام جي پنجين رڪن ذوالحج جي فضيلت تي ڪجهھ عرض ڪيان پيو، ڇو ته ذوالحج جو مقدس مھينو ھلي رهيو آهي، ڪير نه ٿو چاهي ته آئون حج نه ڪريان؟ ڪعبة الله شريف ۽ مديني منوره جي زيارت جو ته ھر مسلمان جي دل جي اندر عشق ۽ شوق ھوندو آھي، ڪعبة الله اھو الله پاڪ جو گھر آھي جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام جوڙيو، حضرت آدم عليه السلام کان ئي ڪعبة الله موجود ھو، جڏهن ڪعبة الله ٺھي راس ٿيو ته ان وقت الله پاڪ حضرت ابراهيم عليه السلام کي حڪم ڪيو ته اي ابراھيم عه ماڻھن ۾ حج جو اعلان ڪر تڏهن حضرت ابراهيم عه عرض ڪيوته اي منھنجا رب العالمين منھنجو آواز پوري دنيا تائين ڪيئن پھچندو؟ ته الله تعالي فرمايو ته اي ابراھيم عه آواز ڪڍڻ تنھنجو ڪم آهي ۽ ان کي دنيا تائين پهچائڻ منھنجو ڪم آهي، حضرت ابراهيم عه اعلان حج جو آواز بلند ڪيو، جنهن کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ھر شيءِ ٻڌو، ھڪ حديث ۾ آهي ته ھن آواز کي ھر ان شخص ٻڌو، جنھن جي قسمت ۾ الله پاڪ حج جي سعادت لکي ڇڏي هئي ۽ لبيڪ به چيو، ھڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي ته جنهن ھڪ دفعو لبيڪ اللهم لبيڪ چيو ان ھڪ ڀيرو حج ڪيو ۽ جنهن ٻه دفعا لبيڪ اللهم لبيڪ چيو ان کي حج جي سعادت ٻه دفعا نصيب ٿيندي ۽ جنهن جيترا ڀيرا وڌيڪ چيو ان کي اوترا حج ڪرڻ جي سعادت ملندي، پوءِ اھو روح چاھي دنيا ۾ ھجي، چاھي عالم ارواح ۾ ھر ھڪ لبيڪ چيو جنهن جي قسمت ۾ حج لکيل ھو، حضرت ابراهيم خليل الله عه رڳو حڪم خدا وندي تي آواز بلند ڪيو، الله پاڪ اھو آواز عالم ارواح کان پوري دنيا تائين پھچائي ڇڏيو ۽ جڏهن به ڪير حج مبارڪ جو ارادو ڪري ته ان وقت نيت فقط رضا الاهي ھجي، محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته،جيڪو شخص الله پاڪ جي لاءِ حج ڪري ان حج ۾ فحش ڳالهھ يا حڪم الاھي جي برخلافي نه ھجي، اھو حج کان ائين واپس ٿئي ٿو جيئن ماءُ جي پيٽ مان ھيئر نڪتو آهي، يعني ٻار وانگر معصوم گناھن کان پاڪ ٿي وڃي ٿو، ان تي ڪو به گناهه نه ھوندو آھي، ھڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي ته جڏهن ذوالحج جي 9 تاريخ ٿيندي آهي ته الله پاڪ فرشتن کي فخر جي طور تي فرمائيندو آهي ته، اي فرشتو منهنجي بندن کي ڏسو مون وٽ اھڙي حال ۾ آيا آهن جو مٿي جا وار وکريل آهن، بدن ۽ ڪپڙن تي سفر جي ڪري گرد ۽ غبار چڙھيل آهي ۽ لبيڪ اللهم لبيڪ جو شور آهي، پري پري کان آيا آهن، آئون توهان کي گواھ بڻايان ٿو ته مون انھن جا گناهه معاف ڪري ڇڏيا، فرشتا عرض ڪن ٿا فلاڻو شخص گناھن ڏانھن منسوب آهي تڏهن الله رب العالمين فرمائي ٿو ته ان جا مون گناھه معاف ڪري ڇڏيا، حديث پاڪ ۾ آهي ته ميدان عرفات ۾ حاجين سان الله پاڪ مخاطب ٿي فرمائيندو آهي ته، ھي منھنجا بندا وکر يل وارن وارا مون وٽ آيا آهن منهنجي رحمت جا اميدوار آھن ۽ اي منھنجا بندو جيڪڏهن توهان جا گناھه مٽيءَ جي ذرن برابر ھجن ۽ آسمان جي برسات جي ڦڙن جيترا ھجن ۽ دنيا جي وڻن جي پنن جيترا ھجن ته به بخشيل آھيو، ھاڻي بخشيا بخشايا پنھنجي گھرن ڏانهن موٽي وڃو (ڪنز)، حضرت عبدالله بن عمر رضه جي روايت ۾ آهي ته سھڻي سردار مدني تاجدار محبوب ڪريم صه فرمايو ته توهان جڏهن حج جي ارادي سان نڪرو ٿا ته جڏهن توهان جي سواري ھڪ قدم کڻي ٿي ته ان جي بدلي ۾ ھڪ نيڪي لکي وڃي ٿي، ھر قدم جي کڻڻ ۽ رکڻ تي ھڪ گناهه معاف ٿيندو آهي ۽ طواف کانپوءِ ٻن رڪعتن جو ثواب ائين آهي جيئن ھڪ عربي غلام آزاد ڪيو ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي جو ثواب ستر غلامن کي آزاد ڪرڻ جي برابر آهي، حديث پاڪ ۾ سھڻي سردار محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته جڏهن ڪنهن حاجيءَ سان ملاقات ٿئي ته ان کي سلام ڪريو، ان سان مصافحو ڪريو، ان کان پنھنجي گناھن جي مغفرت جي دعا گھرايو ان کان اڳ جو ھو پنھنجي گھر ۾ داخل ٿئي، حضور ڪريم صه جو ارشاد آهي ته جيڪو شخص حج ڪرڻ لاءِ روانو ٿئي ٿو ۽ رستي ۾ مري (فوت) ٿي وڃي ته ان جي لاءِ قيامت تائين حج جو ثواب لکيو ويندو آهي، سبحان الله ڪيڏا نه فضائل حج ۽ عمري جا آهن، نبي ڪريم صه فرمايو حج ۾ خرچ ڪرڻ جھاد ۾ خرچ ڪرڻ وانگر ھڪ رپئي جي بدلي ست سو رپيا خرچ ڪرڻ جو ثواب ملي ٿو، حج ۾ ھڪ درھم جو خرچ ڪرڻ چار ڪروڙ درھم خرچ ڪرڻ جي برابر آهي، الله جي پياري حبيب صه فرمايو ته الله تعالي حج بدل ۾ ھڪ حج جي ڪري ٽن ماڻهن کي جنت ۾داخل فرمائيندو آهي ھڪ اھو مردو جنهن لاءِ حج بدل ڪيو ويو، ٻيو حج ڪرڻ وارو ٽيون ان مردي جو اھو وارث جيڪو حج ڪرائي رھيو آھي يعني جيڪو رقم ڏئي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو