ليکڪ: حافظ عبدالستار سولنگي
هر ڏينهن پنهنجي حيثيت رکي ٿو، ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن، وقت مدتن کان تيزيءَ سان پنهنجي محور ۾ گذري رهيو آهي ۽ ڪنهن جو به انتظار نه ڪري رهيو آهي، وقت گذرڻ سان ماڻهن ۾ تبديليون اچي وڃن ٿيون، ڇو جو وقت ساڳيو هوندو آهي پر وقت سان ماڻهو مٽجي وڃن ٿا، اڌ صدي پوئتي جهاتي پائي ڏسجي ۽ اڄ واري دور ۾ وڏو فرق نظر ايندو، ڏٺو وڃي ته پراڻو دور ڏاڍو ڀلو هو جنهن ۾ صبح ساجهر مردن ۽ عورتن جو اٿڻ الله ۽ رسول صه جو نالو وٺي ڪم ڪار ۾ لڳي وڃڻ، حقيقت ۾ برڪتن جا وڏا خزانا هئا، خوشين ۽ خوشحالي جو وقت هو، اوطاقون آباد هيون ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ لاطمئه محبتون هيون، عورت جي عظمت کي سلام جو سڄي گهر جي ڪم ڪار سان گڏوگڏ مال متاع جي سار سنڀال ڪرڻ، ايتري قدر ان پنهنجي هٿن سان جنڊ ۾ وجهي پيهڻ، ٻني ٻاري ۾ مردن کي هٿ وجهرائڻ، مٿي تي ڀريون گاهه جون کڻي، شام جي پهر ۾ مهل سان ماني پچائي گهر ڀاتين کي کارائڻ، رات جي اونداهين ۾ ڏيئي يا بتي جي روشني تي پنهنجي اولاد کي چڱي نموني نپائينديون هيون، اونڌاهيون ضرور هيون پر خيال وڏا روشن هئا، ايڏو حرص حوس لوڀ لالچ ڪين هوندي هئي، ننڍپڻ جا اهي ڏينهڙا اڄ به مون کي چڱي طرح ياد آهن، جڏهن اسين ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، اونهاري جي موسم ۾ برساتون پونديون هيون ته ڪچي گهر جي ڇت مان چؤطرف پاڻي وهندي ڏسي، ڊڄندي رڙ ڪندو هئس ته امان! سڄي ڇت مان پاڻي وهي رهيو آهي، هاڻي ڇا ٿيندو؟ ان تي ماءُ وراڻيندي هئي ته ڪجهه نه ٻچا خير ٿي ويندو، الله پاڪ رحم ڪندو، مٽيءَ جا گهر، ڇت ۾ ڇپريون پيل، گهرن کي لوڙها، لڳل، نه بجلي، نه گئس، نه انٽرنيٽ، نه فون، تڏهن به ايڏو نه اُلڪو نه پريشاني!! نه حرص نه حوس، جيڪو ڪمايو سو کاڌو، جيڪو مليو سو قبوليو، پکين وانگر جيئن رات جو واپسي موٽڻ مهل انهن جي چهنبن ۾ ٻي ڏينهن لاءِ ڪو ڌاڻو نه هوندو آهي، توڪل سان صبح ٿيندي ئي روزي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن، اڳي به ائين هو، وفا ان وقت ۾ به هئي، جڏهن گهر مٽيءَ جا هوندا، هاڻي ته گهر به پڪا ته ماڻهو به پٿر جا ٿي ويا آهن! اڄ واري دور ڪيڏو پاسو مٽايو آهي. ڏٺو وڃي ترقي عروج تي پهتل آهي، دنيا هٿن ۾ هوندي پوءِ به پريشانيءَ جا انبار! اڪثر ڪو به ماڻهو سک جو ساهه نه کڻي رهيو آهي، لکين رپيا هوندي به برڪت نه آهي، افسوس جو شڪر ۽ صبر ناهي رهيو، اونڌي کوپڙي ڀرجڻ جي ڪٿان؟ اڄ واري هلندڙ دور ۾ پورهيت کان وڌيڪ نوڪري وارو پريشان آهي لکين رپيا پگهارون کڻڻ وارن جون رڙيون پون پيون ته پگهارون اڃا به وڌايون وڃن پر غريب جو گذارو ڪيئن ٿئي ٿو ڪڏهن انهن سوچيو آهي؟ بس هر ڪو پنهنجي لاءِ سوچي ٿو! مولا علي عليه السلام فرمايو ته:”مقابلي جو پهريون ميدان توهان جو پنهنجو نفس آهي، پهريان ان سان جنگ ڪري پاڻ کي آزمايو ته توهان آزاد آهيو يا غلام؟“ پر هتي نفساني خواهشن جا غلام بڻيل آهيون، اڪثر هر ڪو هيرا ڦيري، رشوت، ڪرپشن ڪري مال ميڙڻ ۾ مصروف لڳو پيو آهي، غريب ويچارو غريب، امير امير ٿيندو رهي ٿو، رپيو ڪيترو به ڪِري پر ايترو ناهي ڪِرندو، جيترو انسان رپئي لاءِ ڪرندو آهي، افسوس هر ڪو هن فڪر ۾ آهي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي پونئرن جو ڇا ٿيندو؟ پر ڪنهن کي اهو فڪر ناهي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجو حال ڇا ٿيندو؟ حلال حرام مان گڏ ڪيل ملڪيتون قبر ۾ ته کڻي نه سگهندو؟ پر ها ان کي اتي ان جو حساب ضرور ڏيڻو پوندو، ڇو جو ڪو به شخص اتي ٻي جو ذمو نه کڻندو، بهرحال هر ڪو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته وقت کان اڳ ۾ ۽ قسمت کان وڌيڪ ڪڏهن به ناهي ملندو پر الائي ڇو هتي هر ڪو وٺ وٺان جي چڪر ۾ شارٽ ڪٽ هڻي ٿو، هي به منهنجو هو به منهنجو!! حضور ڪريم صه فرمايو: ”سڀاڻي جي رزق جي پرواهه نه ڪريو، ڇو ته ايندڙ صبح توهان لاءِ پاڻ رزق کڻي ايندو.“ پر افسوس هتي اڪثر هڪ رپئي جي فائدي لاءِ ٻين کي هزارن جو نقصان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا، بس ڇا ڪجي! ڪتابن مان تاريخ جي خبر ملي ٿي ۽ چهرا پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي اصليت جي خبر پئي ٿي، ان لاءِ ڪتابن جي ورقن کان وڌيڪ انساني چهرن جو مطالعو دلچسپ هوندو آهي، چوندا آهن ساهه ٽٽڻ سان انسان هڪ دفعو مرندو ۽ ساٿ ٽٽڻ سان انسان هر هر مرندو آهي. اڄڪلهه رت جي رشتن اهڙو ته منهن موڙيو جو پٽ پيءُ کان ڌار، ڌيءَ ماءُ کان بيزار ٿي وئي، پيءُ جي پوڙهي ٿيڻ تي پٽن جو ساٿ ڇڏي ڏيڻ، مال ملڪيت تان ڀائرن جو پاڻ ۾ وڙهڻ عام ٿي ويو، هر روز ڪيترائي بي رحمي وارا واقعا ۽ قصا اخبارن ۾ پڙهو ۽ ٽيليويزن ۾ ڏسون ٿا، افسوس اڄ اسٽيٽس کي ڏسي لاڳاپا رکيا وڃن ٿا، وڏا ماڻهو وڏن ماڻهن سان واسطا رکن ۽ پاڻ کان گهٽ واري جي اڪثر ويجهو ئي نه وڃن ٿا! بس اڪثر هتي غمي خوشيءَ ۾ مڙئي معيار لاهڻ خاطر هر ڪو پيش پوي ٿو، باقي دلي همدردي ڄڻ ملڪ مان موڪلائي ڏور هلي وئي هجي، اها حقيقت آهي ته هر چمڪندڙ شيءِ سون ناهي هوندي ان ڪري اصل اصل ۽ نقل نقل ئي هوندو آهي پر هتي اڪثر اصل کي نقل کائي ويو سچي ۽ سٺي ماڻهو جو قدر ناهي رهيو! هتي چهري مٿان چهرو چڙهيل آهي بحرحال هن اناجي ور چڙهيل سماج ۾ تڪبر، وڏائي ۽ غرور واري هڪ بيماري اچي وئي آهي، جيڪا وجود کي اڏهي جيان کائيندي رهي ٿي، سچ ته اهو آهي ته سڀ ڪجهه عاجزي ۾ ئي سمايل آهي، ڇو جو وزني شيءِ پنهنجو پاڻ کي هميشه هيٺ رکندي آهي ۽ پاڻي هيٺائين تي هلندو آهي نوڙت نياز سان پيش ايندڙ جي ئي فتح آهي باقي جيڪو آڪڙ ۾ اڀو هوندو اهو ته هڪ ڏينهن ضرور ڀڄندو! ڪاش انسان جو جيڪو شرف آهي اهو ئي انسان جيڪڏهن انسان ٿي پوي ته يقينن هي زمين جنت بڻجي پوي!