104

پني عاقل ڀرسان انسانيت جي تذليل جو واقعو…!!

ايڊيٽوريل

پني عاقل ۾ پڪڙيل چور جي ساٿارين هٿان 2 نوجوان اغوا ڪري انهن جا مٿا ۽ ڀرون ڪوڙي تذليل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي، ميڊيا جي رپورٽن مطابق هفتو اڳ سانگي شهر مان والي ڏني جتوئي جي گهر مان چوري جي ڪوشش دوران ڀاڳين ٻن چورن گلو  جاگيراڻي ۽ گلشير جاگيراڻي کي پڪڙي تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو هو، جڏهن ته چورن مٿان تشدد جي وڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي هئي، اهڙي تشدد ۽ تذليل واري وڊيو بعد جوابدارن جي ساٿين پلاند طور قومي شاهراهه بلاڪ ڪري وين ڊرائيور عبيد جتوئي ۽ ڪلينر نذير جتوئي کي اغوا ڪيو،  هٿياربندن ٻنهي نوجوانن جا مٿا ۽ ڀرون ڪوڙي منهن تي ڪارنهن هڻي پادرن جا هار پارائي تذليل ڪئي ۽ اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. سکر پوليس ڪارروائي ڪري اغوا ڪيل ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث 2 جوابدارن قربان جاگيراڻي ۽ محرم جاگيراڻي سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسان سمجهون ٿا ته ان قسم جا واقعا اسان جي سماج جي اخلاقي حيثيت جو ڏس ڏين ٿا ۽ اسان کي اها خبر پوي ٿي ته اسان اخلاقي طور تي ڪٿي بيٺا آهيون، بنيادي طور تي جڏهن به معاشرن مان سهپ ختم ٿي ويندي آهي اتي ان قسم جا واقعا جنم وٺندا آهن، سهپ جي ختم ٿيڻ جي پويان ڪيترائي عنصر ڪارفرما آهن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ قانون جي ڪمزور گرفت، بدامني، ناانصافي، معاشي ۽ سماجي اڻبرابري ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترائي عمل آهن جيڪي ماڻهو کي مايوسي جي ڪن ۾ ڦاسائي وجهن ٿا ۽ ان جا رستا سوڙها ٿي وڃن ٿا، سڀ کان اهم تعليم جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري ان قسم جا واقعا پيش اچن ٿا ۽ ان کانسواءِ علائقائي ماحول پڻ ماڻهو تي اثرانداز ٿئي ٿو، هن واقعي جا پيرا ڪجهه هن ريت کڄن ٿا ته هفتو اڳ سانگي شهر مان چوري جي مبينا ڪوشش دوران 2 جوابدار سوگها ڪيا ويا جن کي ڀاڳين پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ کان اڳ تشدد ۽ تذليل ڪري انهن جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، جيڪو پڻ انتهائي غلط ۽ ڪريل عمل هو، اهڙي عمل تي پوليس مبينا پڪڙيل چورن سميت ڀاڳين مٿان پڻ ڪيس داخل ڪيو هو پر سهپ نه هجڻ سبب ان واقعي کي وري ورجايو ويو، اسان سمجهون ٿا ته سکر پوليس هن معاملي جي فوري ڪارروائي ڪري نه رڳو مغوي بازياب ڪرايا پر ڏوهاري به گرفتار ڪيا آهن، جيڪو انتهائي سٺو عمل آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي پاسن ڏانهن انسانيت جي تذليل ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا پڻ ڏياري وڃي ۽ ڪوشش اها ڪئي وڃي ته اهو عمل ان حد تائين رڪجي وڃي، ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏجي، ڇو ته ٻهراڙي ۽ خاص ڪري قبائلي علائقن ۾ ان قسم جا واقعا اڳتي هلي برادري تڪرارن ۾ تبديل ٿيندا آهن، هي برادرين جو نه پر ٻن ڌرين جي وچ جو جهيڙو آهي ۽ ان جهيڙي ۾ جن به قانون ٽوڙيو آهي انهن کي سزا ملڻ گهرجي، بي ڏوهي ماڻهو ان باهه جي ٻارڻ ۾ نه ساڙيا وڃن، اسان اميد ٿا ڪريون ته پوليس جهڙي ڦڙتي سان ان واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا آهن ايتري انصاف ۽ ايمانداري سان حقيقي جوابدارن کي سزا ڏياري ويندي ۽ ان ۾ بيگناهن سان ڪا زيادتي نه ٿيندي، گڏوگڏ اسان علائقي جي معزز ۽ سلجهيل ماڻهن کي به اپيل ڪنداسين ته اهي ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ ٻنهي برادرين جي چڱن مڙسن کي به گذارش ڪنداسين ته اهي انساني بنيادن تي ٻنهي پاسي جي ماڻهن کي ڪنهن وڏي تڪرار کان روڪين ۽ معاملو حل ڪيو وڃي. ڇو ته سنڌ هن وقت گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ جهيڙن جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته واقعي ۾ ملوث حقيقي جوابدارن کي قانون مطابق سزا ڏياري وڃي ۽ اهو معاملو راڄوڻي بدران عدالتن ۾ حل ڪيو وڃي ته ان سان هڪ طرف قانون جي حڪمراني جو تاثر جيڪو ڪنهن حد تائين ختم ٿي ويو آهي اهو وري اڀرندو ۽ ماڻهن جو پوليس تان ختم ٿيندڙ اعتماد پڻ بحال ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو