اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 3 سالن دوران عمران خان جي ڪارڪردگي ڪوڙ، بداخلاقي، بدزباني ۽ بدڪلامي تي ٻڌل رهي آهي، رپورٽ مطابق پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي نوازشريف ۽ شهباز شريف جي منصوبن تي نيون تختون لڳائڻ ۽ پراڻيون ڪڍڻ آهي، عمران خان جي ڪارڪردگي نوازشريف ڪڊني اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ آهي. سوات ۾ به گردن جي علاج جو اسپتال سرڪاري وسيلن سان استعمال نه ٿيو هو، ان اسپتال جي تعمير نجي عطين ذريعي ٿي هئي، بدترين سيلاب کان پوءِ 2010 ۾ اها اسپتال تعمير ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو هي هڪ ٽرسٽ اسپتال آهي. اسپتال جي تعمير ۾ ڪوششن تي نوازشريف جي نالي تي هن اسپتال جو نالو رکيو ويو، ڪاروباري ماڻهو، سرندي وارن شهرين ۽ سرڪاري ملازمن انفرادي حيثيت سان فنڊز ڏنا هئا. مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙي ۽ ڪريل ذهنيت عوام جي خدمت ۾ ناڪامي تي ڪريل حرڪتون ڪندي آهي. الزامن جا بيان عدالتن ۾ تباهه ٿي ويو. (ن) ليگ ترجمان وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته منصوبن تي تختيون اهم ناهن هونديون. پر خدمت جو جذبو انسان جي عمل ۽ نيت مان نظر ايندو آهي. نوازشريف ۽ شهباز شريف ڏينهن رات پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. 22 ڪروڙ عوام جي دل ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جي خدمت جون تختيون لڳل آهن.
