115

پاڪستان چاهي ٿو افغانستان ۾ امن هجي، امريڪا کي اڏا نه ڏيڻ جو فيصلو اٽل آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ افغانستان ۾ سُلجهيل طالبان زور وٺي رهيا آهن، اهي بندوق سان فيصلا ڪرڻ وارا نه آهن، طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ رڳو پاڪستان نه، سموري خطي جي ضرورت آهي، پاڪستان چاهي ٿو افغانستان ۾ امن هجي، اِن معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي آهن، امريڪا ۽ برطانيا کي خبر آهي ته شريف خاندان جا دنيا ۾ ڪيترا اڪائونٽس آهن، اهي ڪشمير جو ڪيس ڪيئن وڙهي سگهندا؟. مريم نواز غير ذميواراڻي ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، کيس پنهنجي لهجي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان چاهي ٿو افغانستان ۾ امن هجي، اِن معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي آهن، عمران خان جي حڪومت کي ڪو خطرو ناھي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته امريڪا کي اڏا نه ڏيڻ جو فيصلو اٽل آهي، دنيا جي ڪا بھ طاقت پاڪستان کي نظرانداز نٿي ڪري سگھي، افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي بعد خطي جي سياست تبديل ٿيڻ وڃي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو