122

ڀارت،ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون ۾ 19 جولاءِ تائين توسيع جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ جاري ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون ۾ ڪجهه نرمين سان هلندڙ مهيني جي 19 تاريخ تائين توسيع ڪئي وئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب مقامي حڪومت جي نئين حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ايس او پيز جي پابندين هيٺ ريسٽورنٽ،چانهه جا دڪان،۽ ٻيا عام واهپي وارين شين جا دڪان رات جو 9 وڳي تائين کليل رهندا جڏهن ته صرف 50 ماڻهو شادي ۽ 20 ماڻهو جنازي ۾ شرڪت ڪري سگهندا.اسڪول،سوئمنگ پول،ڪاليج،بار ،ٿيٽر ۽ چڙيا گهر بند رهندا،رياستي بس سروس پڻ اڃا تائين بند آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو