121

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران فلسطينين جا گهر ڊاهڻ تي ڳڻتي جو اظهار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترش اردن جي اتر واري علائقي حمصه الفوقا ۾ اسرائيلي عملدارن هٿان فلسطينين جا گهر ڊاهڻ ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي صدر آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  فلسطينين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ عالمي قانوني جي خلاف ورزي آهي، هن اسرائيلي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي غرب اردن ۾ فلسطينين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ انهن تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو بند ڪن.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي عملدارن پاران گڏيل قومن ۽ ٻين غير سرڪاري فلاحي ادارن جي ڪارڪنن کي  حمصه الفوقا وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو ان لاءِ اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اتان جي رهواسين کي ڪهڙي قسم جو ڏکيائيون درپيش اچي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو